اسلام آباد (آن لائن) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ڪالهه فوجي عدالتن واري بل بابت جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي فون ڪري حمايت جي درخواست ڪئي، اسحاق ڊار اميد ظاهر ڪئي ته فضل الرحمان آئين ۾ 28هين ترميم جي حمايت ڪندو، ٻئي پاسي ذريعن موجب فضل الرحمان بل تي ووٽنگ دوران ايوان مان غير حاضر رهڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.