اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ممنون حسين هندو ميريج رجسٽريشن بل تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد اهو بل سنڌ کانسواءِ باقي 3 صوبن، وفاقي راڄڌاني، گلگت ۽ فاٽا ۾ لاڳو ٿي ويو آهي، ڄاڻايل بل جي قانون ۾ تبديل ٿيڻ بعد سرڪار هندو آبادي وارن علائقن ۾ شادين جي رجسٽريشن لاءِ رجسٽرار مقرر ڪندي، واضح رهي ته سنڌ اسيمبلي اڳ ۾ ئي اهڙو بل منظور ڪري چڪي آهي پر هن وقت تائين سنڌ ۾ شادين جي رجسٽريشن لاءِ ڪو به نظام متعارف نه ڪرايو ويو آهي، هوڏانهن وزير اعظم ميان نواز شريف جاري ڪيل پيغام ۾ چيوآهي ته هندو ميريج بل جو مقصد هندو برادري جي ٿيندڙ شادين جي رجسٽريشن کي قانوني تحفظ ڏيڻ آهي، حڪومت هميشه اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي، ملڪ ۾ رهندڙ اقليتون اوتريون ئي محب وطن آهن جيترو ڪا ٻي برادري محب وطن آهي، حڪومت پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن شهرين لاءِ هڪجهڙا حق هجڻ تي ڌيان ڏنو آهي، حڪومت، هن بل هيٺ هندو برادري جي شادين کي رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ سرڪار رجسٽرار مقرر ڪندي، هي قانون هندو برادري جي شادين جي رجسٽريشن ۽ عدالت ذريعي عليحدگي حاصل ڪرڻ جا حق فراهم ڪندو، جڏهن ته اهو قانون عورت ۽ ان جي ٻارڙن کي مالي تحفظ پيش ڪندو، اهو بل علحيدگي اختيار ڪندڙ هندو جوڙن کي ٻي شادي جي به اجازت ڏئي ٿو.