ڪراچي (رپورٽ: شڪيل سومرو) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني اعتراف ڪندي چيو آهي ته سينيٽ جي چيئرمين جي منصب تي پهچڻ کانپوءِ به آئون پاڻ کي بيوس ۽ قيد ۾ محسوس ڪريان ٿو، منهنجي اندر ۾ هڪڙي فرسٽريشن ۽ ناڪامي هئي، جنهن جي اظهار لاءِ ڪتاب لکڻو پيو، هن هتي اڪثريتي بنگالي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو نه ڏنو ويو، جنهن ڪري بنگال جدا ٿي ويو، مادري ٻولي سنڌي جو مطالبو ڪرڻ تي وفاق جو غدار قرار ڏنو وڃي ٿو، بلوچستان ۾ بلوچي پڙهڻ نٿي ڏني وڃي، پنجابي ۽ پشتو ثقافتي ايڪائين جون ٻوليون آهن، جيستائين ثقافتي ايڪائين جي ٻولين کي سرڪاري ٻولي جو درجو نٿو ڏنو وڃي تيستائين مسئلو حل نه ٿيندو، عرب ثقافت اسان جي ثقافت ناهي، ٽريڊ يونين، شاگرد يونين ۽ ڪافي هائوس جي ڪلچر کي ختم ڪري انتهاپسندي کي وڌايو ويو، ڪالهه هتي آرٽس ڪائونسل ۾ پنهنجي ڪتاب ”نظر نه ايندڙ ماڻهو“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچي اُهو شهر آهي، جنهن جون گهٽيون ڪڏهن پاڻي سان ڌوتيون وينديون هيون، جنهن شهر جي مزدورن، اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن جنرل ايوب، يحيٰ، ضياءِ ۽ مشرف خلاف تحريڪون هلايون، اُن ڪراچي ۾ رت جي هولي کيڏي وئي، هن شهر جي روڊن ۽ رستن کي رت ۾ وهنجاريو ويو، شهر ۾ خوف پيدا ڪيو ويو پر هيتري ساري دهشت باوجود ماڻهن همت نه هاري ۽ خوف ۽ دهشت جو مقابلو ڪيو، هن چيو ته سينيٽ جي چيئرمين جي منصب تي پهچي به آئون پاڻ کي بيوس ۽ قيد ۾ محسوس ڪندو آهيان، هن پنهنجي ڪتاب ”نظر نه ايندڙ ماڻهو“ بابت چيو ته هي ڪو فڪشن ناهي، منهنجي زندگي جا جيڪي مشاهدا آهن، اُنهن کي مون ڪهاڻي جو روپ ڏئي هي ڪتاب تحرير ڪيو آهي، هن چيو ته هن ڪتاب ۾ جن ڪردارن تي لکيو ويو آهي، اُهي ڪردار پاڪستان جو جيئرو جاڳندو سچ آهن، اُهي ماڻهو اسان جي اکين کان سدائين اوجهل رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته هي ملڪ، خاص طور تي سنڌ صوبو صوفين جو ديس آهي، شاهه لطيف، سچل سرمست، بلهي شاهه، عبدالله شاهه غازي ۽ ٻين صوفي درويشن جي موجودگي ۾ هتي مذهب جي بنياد تي مذهبي جهيڙا ڪرائڻ، دهشت ۽ رتوڇاڻ جي بازار گرم رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هي سڄي اَنا ۽ ضد جي راند آهي، ڪوبه اَنا ۽ ضد ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي، اسان سڀني کي دهشت ۽ انتهاپسندي جي نالي ۾ پيغام اُماڻيا پيا وڃن، هنن ماڻهن کي سمنڊ جي لهرن مان سبق سکڻ گهرجي، پنهنجي ڪوڙي اَنا ۽ ضد کي ڇڏڻ گهرجي، هن چيو ته امن جي علامت طور مشهور ڪبوترن خلاف هر پاسي کان رڻ ٻاريو ويو آهي، اڄ اُهي ڪبوتر عبدالله شاهه غازي جي مزار جي احاطي ۾ داڻو چُڳي رهيا آهن، قبرستان ۾ خالي پيل جاءِ تي هنن کي مون داڻو چڳيندي ۽ مٽي جي ٺڪر ۾ پاڻي پيئندي ڏٺو آهي، قبرن ۾ دفن ماڻهو اسان کي چئي رهيا آهن ته انهن ڪبوترن کي اوهان جيئرن ماڻهن پناهه نه ڏني اُن لاءِ کين اسان پاڻ وٽ گهرائي پناهه ڏني آهي، هن چيو ته مون هن ڪتاب ۾ مِل مزدور معصوم ٻار ۽ هيرا منڊي جي طوائف جي زندگي ۽ ٻين ڪردارن تي لکيو آهي، هيرامنڊي جي طوائف جي زندگي جي باري ۾ اسان وٽ ڊبل اسٽينڊرڊ آهن، جيستائين ڊبل اسٽينڊرڊ ختم نه ڪيا ويندا اڳتي نه وڌي سگهنداسين، هن چيو ته مون هي ڪتاب انگريزي ۾ لکيو آهي، ڇو ته منهنجي اردو ڪمزور آهي، مون انگريزي ۾ تعليم پرائي آهي، هن چيو ته پارلياماني تاريخ ٻڌائي ٿي ته هن ملڪ جي اڪثريتي ٻولي بنگالي هئي، اردو سان گڏ بنگالي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو نه ڏنو ويو، نتيجي ۾ بنگال اسان کان ڌار ٿي ويو، سنڌي جڏهن گهر ڪري ٿو ته سنڌي منهنجي مادري ٻولي آهي، اُن کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ته چيو وڃي ٿو ته هو وفاق جو غدار آهي، بلوچستان ۾ بلوچي نٿي پڙهائي وڃي، پنجابي، پشتو ٻوليون هن ملڪ جي ثقافتي ايڪائين جون ٻوليون آهن، جيستائين هن ملڪ ۾ ثقافتي ايڪائين جي ٻولي جي قبوليت نه ٿيندي تيستائين مسئلا حل ڪونه ٿيندا، رضا رباني وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته مذهبي انتهاپسندي کي ادب ذريعي منهن ڏئي سگهجي ٿو، ان حوالي سان منهنجو پنهنجو تجزيو آهي، جڏهن جنرل ضياءَ اقتدار ۾ آيو ته هن پاڪستان جي رياست خاص طور تي جنرل ايوب خان ۽ يحيٰ جي دور ۾ ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ سولين بيورو ڪريسي جي تجزيي کانپوءِ ٽن جمهوري فورسز ٽريڊ يونين، شاگرد يونين ۽ ڪافي هائوسز جي ڪلچر کي ختم ڪيو، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ شاگرد يونين تي پابندي لاڳو ڪري ساڄي ڌر جي جماعتن جي ذيلي شاگرد تنظيمن کي کليل موقعو فراهم ڪيو ويو، ڪافي هائوس جي ڪلچر سان آمريتن خلاف هلندڙ تحريڪن کي وڏي پئماني تي هٿي ۽ اُتساهه مليو، جالب، فيض احمد فيض، جون ايليا ڪافي هائوس جي پيداوار هئا، رياست پاران سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ڪافي هائوسز کي ختم ڪري ۽ ادب کي جامد رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اڄ اُها بيداري ناهي رهي، اسين ناڪام ويا آهيون، جالب ۽ فيض احمد فيض جي جاءِ تي ڪو نئون جالب ۽ فيض پيدا نه ڪري سگهيا آهيون، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جون اهي ٽئي فورسز متبادل ٿي سگهن ٿيون، انتهاپسندي کي ٻُنجو ڏيڻو آهي ته اُنهن فورسز کي اڳتي آڻڻو پوندو، تقريب کي پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينيئر وزير نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ته رضا رباني هڪ اهڙو پکي آهي جيڪو ڪمري ۾ بند ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن سان نه ڪنهن سان ٽڪرائيندو رهيو آهي، آئون جڏهن 1987ع ۾ پ پ ۾ شامل ٿيس  ته رضا رباني ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو، جڳديش ملاڻي ۽ مولا بخش چانڊيو وارن جي چوياري کان گهڻو متاثر ٿيس، هن چيو ته رضا رباني جڏهن فوجي عدالتن جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو هو ته هن ڏاڍو ڦڙ ڦڙايو هو، هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، هن چيو ته زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جي حوالي سان سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايل بل واپس نه ورتو ويو آهي، گورنر سنڌ انهيءَ بل تي آبزرويشن ڏياري موڪلي آهي، جڏهن ته تاثر اُهو ورتو ويو آهي ته پ پ حڪومت اُهو بل واپس ورتو آهي، هن چيو ته گورنر جي آبزرويشن بعد اهو بل ٻيهر ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو، تقريب کي وفاقي وزير مير حاصل بزنجو، ليکڪا زاهده چنا، نصير ميمڻ، غازي صلاح الدين، مجاهد بريلوي، احمد شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو.