سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) گڊو بئراج کانپوءِ سکر بئراج وٽ به پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراجن وٽ پڻ پاڻي جي کوٽ ۾ واڌ ٿي وئي، تربيلا، منگلا ڊيمن ۽ چشما ڍنڍ ۾ ويتر پاڻي گهٽجي ويو، ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب اتر سنڌ ۾ پاڇاٽي ربيع ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ آڳاٽي خريف جي پوکي وقت پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، ڪالهه سکر بئراج وٽ پاڻي ۾ وڌيڪ لاٿ ٿي آهي، جنهن بعد سکر ۾ پاڻي جي کوٽ ساڍا 27 سيڪڙو مان وڌي ساڍا 35 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته گڊو بئراج وٽ پڻ پاڻي جي کوٽ ساڍا 52 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، ڪوٽڙي بئراج وٽ به پاڻي جي کوٽ هڪ مان وڌي ڏيڍ سيڪڙو ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري ڪئنالن ۾ پاڻي جي کڻت گهٽائي وئي آهي، هوڏانهن تربيلا ڊيم ۾ بدستور 10هين ڏينهن به ڊيڊ ليول برقرار آهي، جڏهن ته منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1047 فوٽن تائين ڪري پئي آهي، جتي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو به بدستور گهٽجي رهيو آهي، منگلا ڊيم وٽ به پاڻي جي آمد رڳو 16 هزار ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڊيم جو ڇوڙ 16200 ڪيوسڪ آهي، هوڏانهن چشما بئراج ۾ چشما ڍنڍ 638 فوٽن تي ڊيڊ ليول تي برقرار آهي، اهڙي صورتحال کانپوءِ اتر سنڌ ۾ پاڇاٽي ربيع جي فصل توڙي ڪمند کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي آهي، جڏهن ته ڏکڻ سنڌ ۾ آڳاٽي خريف لاءِ پڻ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪندي پئي وڃي، هوڏانهن سنڌ جي آبادگارن جي تنظيم ايوان زراعت سنڌ ڪوٽڙي بئراج تي 12  سالن کانپوءِ 23 مارچ کان پاڻي جي خطرناڪ کوٽ جو امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته 2005ع کانپوءِ 2017ع جي 23 مارچ تي ڪوٽڙي بئراج ۾ سنڌو درياءُ تي صرف 1000 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهچڻ جو امڪان آهي، پاڻي جي اهڙي خطرناڪ کوٽ واري صورتحال دوران پيئڻ جي پاڻي کان وٺي زراعت لاءِ پاڻي ملڻ مشڪل بڻجي ويندو، ان ڏس ۾ ايوان زراعت جو اجلاس مرڪزي صدر ڊاڪٽر نديم قمر جي صدارت ۾ هڪ ئي وقت وڊيو لنڪ ذريعي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، سانگھڙ ۽ گھوٽڪي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ان ڳالھ جي نشاندهي ڪئي وئي ته 23 مارچ تي ڪوٽڙي بئراج تي فقط هڪ هزار ڪيوسڪ پاڻي پهچندو، جنهن سان زراعت کان وٺي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي خطرناڪ کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، ايوان زراعت حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي واڌاري لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن، جڏهن ته سنڌ جي آبادگارن کي گھرجي ته اهي پاڻي جي موجودگي کي سامهون رکندي فصلن جي پوکائي لاءِ زمين جي تياري ڪن ۽ تڪڙي بنياد تي ڪو به فصل پوکڻ کان پاسو ڪن، هوڏانهن ايوان زراعت جي اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي جو چوڻ هو ته ايوان زراعت پاران آبادگارن جي رهنمائي توڙي پاڻي صورتحال بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ اڄ کان حيدرآباد ۾ سيل قائم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي سنڌ واسين جي وقت بوقت رهنمائي ڪئي ويندي، هن چيو ته آبادگار پاڻي صورتحال کي سامهون رکي پوکائي ڪن.