اسلام آباد (اين اين آءِ) شرجيل ميمڻ آزاد ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان پهريان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ خاندان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ صورتحال کان آگاهه ڪيو، ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير سندس خيريت معلوم ڪئي، شرجيل  پنهنجي وڪيل سان گڏ اڄ سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو، وڪيل شڪيل عباسي ٻڌايو ته نيب شرجيل ميمڻ جي ضمانت جي ڪاغذن جي مون کان تصديق ڪرائي، ڪجهه دير لاءِ نيب راولپنڊي آفيس ويو ۽ تصديق ڪئي، شرجيل ميمڻ اڄ عدالت ۾ پيش ٿيندو.