لاهور (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڏيڍ سال جي وقفي کانپوءِ پاڻي تڪرار تي اڄ سومر کان اسلام آباد ۾ ڳالهيون ٿينديون، ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ انڊس واٽر ڪمشنر پي ڪي سڪسينا جي قيادت ۾ 10 رڪني ڀارتي وفد واگها بارڊر رستي اسلام آباد پهچي ويو آهي، اڄ کان ٿيندڙ ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت مرزا آصف بيگ ۽ ڀارتي وفد جي قيادت پي ڪي سڪسينا ڪندا، چيو وڃي ٿو ته ٻنهي وفدن ۾ ڳالهيون لاهور ۾ ٿيڻيون هيون پر پوءِ ڳالهين جو هنڌ بدلائي اسلام آباد ڪيو ويو، ذريعن موجب پاڪستان ڳالهين ۾ ڀارت جي چناب ندي تي اڏجندڙ 3 هائيڊرو پاور رٿائن 120 ميگاواٽ جي معيار، 48 ميگاواٽ جي لوئر ڪلنائي ۽ 1000 ميگاواٽ جي ڪاپڪال گل تي اعتراض واريندو، پاڪستان جي انڊس واٽر ڪمشنر جي ذريعن جو چوڻ آهي ته چناب ندي تي ٺهندڙ 850 ميگاواٽ جي رتلي ۽ نيلم ندي تي ٺهندڙ 330 ميگاواٽ جي ڪشن گنگا رٿائن تي ڳالهين جا امڪان ناهن، ڇاڪان ته اهي ٻئي تڪرار معاملا عالمي بئنڪ وٽ آهن، واضح رهي ته 1960ع ۾ ٿيل سنڌ طاس معاهدي بعد ٻنهي ملڪن ۾ پاٽي تڪرارن تي 113هون ڀيرو ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ ڌريون تڪراري معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ کانسواءِ ٽياڪڙي جي قيام (ثالثي ڪميشن) تي به ڳالهيون ڪري سگهن ٿيون.