اسلام آباد (رپورٽ: قربان بلوچ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آھي ته اسان تاريخ جي ٻه واٽي تي آھيون، اسان جا رياستي توڙي غير رياستي دشمن معاشري ۾ نفرت پکيڙڻ ۾ سرگرم آھن، جن مختلف طريقن سان وڏي ھائبرڊ جنگ شروع ڪري ڇڏي آھي، ڀارتي قيادت ۽ ڪجھ ٻين ليڊرن جو اوڀر پاڪستان ۾ پراڪسي جنگ ۾ متحرڪ رھڻ بعد ھاڻي بلوچستان ۾ متحرڪ رھڻ ڪنھن کان لڪل ناھي، انتهاپسندي کي گڏجي ختم ڪنداسين، فوج اڪيلي سر ڪجهه نٿي ڪري سگهي، سڄو ڪم فوج حوالي ڪنداسين ته ملڪ اڳتي نه وڌندو، ٻين ادارن کي به پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون پونديون، ھن اھڙو اظھار جي ايڇ ڪيو ۾ ”انتھاپسنديءَ کي رد ڪرڻ ۾ نوجوانن جو ڪردار“ جي موضوع تي آءِ ايس پي آر پاران ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو، جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته اسان قوم طور دھشتگردي واري وبا خلاف دليري سان ويڙهه ڪري وڏيون قربانيون ڏنيون آھن، فوج ظالم قوتن کي ٻرن مان ڪڍي صاف ڪرڻ جي حوالي سان دنيا ۾ مثال قائم ڪيو آھي، اسان جي ڪاميابين جو اعتراف دنيا ڪيو آھي. مون کي اھو چوندي ڪا ھٻڪ نٿي ٿئي ته اسان جي فوج دنيا جي بھترين فوج آھي، اھڙي دلير ۽ پيشيور فوج جي سربراھيءَ تي مون کي فخر آھي.آرمي چيف چيو ته دھشتگردي خلاف جنگ ۾ سمورو معاشرو فوج جي پويان ھو، جنھن جي حمايت بغير سڀ ڪجھه ممڪن نه ھو، ظالم دھشتگردن کي ڪٽي محدود ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ تي قانون لاڳو ڪندڙن ۽ ميڊيا جو ٿورائتو آھيان.ھن چيو ته اڄ اسان دھشتگردي خلاف جنگ جي انتھائي نازڪ مرحلي مان گذري رھيا آھيون، دھشتگردي خلاف مک آپريشن واري مرحلي بعد رد الفساد آپريشن ذريعي ٽارگيٽ آپريشن ڏانھن وڌيا آھيون، موجوده حالتن ۾ اسان جي قومي ايڪشن پلان تي مڪمل طور عمل ڪري دھشتگردي جي سببن کي به ڄاڻڻو پوندو. اھو ياد رکڻ گھرجي ته جڏھن فوج دھشتگردي خلاف وڙھندي آھي ته دھشتگرد ۽ انتھاپسند قانون لاڳو ڪندڙن ۽ معاشري سان وڙھندا آھن.آرمي چيف چيو ته ملڪ جي 50 سيڪڙو آبادي 25 سال کان گھٽ ڄمار رکندڙ آھي، ان ڪري ملڪ جي مستقبل جي رخ جو دارومدار نوجوانن جي رخ تي مدار رکي ٿو. اسان ٻه واٽي تي بيٺا آھيون، 10 سالن بعد يا ته اسان نوجوانن واري ميوي جو مزو وٺنداسين يا پرھجوم نوجوانن خاص ڪري انتھاپسندي کان متاثر نوجوانن ھٿان نقصان برداشت ڪنداسين، جيڪڏھن اسان جو پنھنجي سڃاڻپ ۽ اھميت بابت تصور واضح آھي ته پوءِ اسان کي انتھاپسندي جي حوالي سان به واضح تصور اختيار ڪرڻو پوندو، انتھاپسندي ڏانھن اھو نوجوان مائل ٿئي ٿو، جيڪو پنھنجي سڃاڻپ ۽ اھميت بابت واضح ناھي ھوندو.ھن چيو ته اسان کي انتھاپسندي کي پنھنجي تناظر ۾ سمجھڻو پوندو، جڏھن ته اولھه وارن جو پرتشدد انتھاپسندي بابت تاثر محدود آھي، جنھن سبب اھي اسلامي انتھاپسندي چون ٿا جيڪو غير منصفاڻو ۽ خطرناڪ آھي.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آھي ته ڀارت انتھاپسندي ان حد تائين توسيع ڏني آھي جو اتي نفرت معاشري جي مک ڌارا ۾ شامل ٿي وئي آھي.ھن چيو ته دنيا ۾ وڌندڙ جذباتي قومپرستي ۽ نسل پرستي سڀ انتھاپسندي جون شڪلون آھن، جيڪا تبديل ٿيندڙ صورتحال آھي، جيڪو گڏيل جواب جو گھرجائو آھي، ڇو ته انتھاپسندي ڪنھن مذھب يا نظرئي سبب ناھي پر اھو مائينڊ سيٽ آهي، جنھن سبب ٻين لاءِ برداشت ۽ درگذر جي جاءِ تي نفرت جو رستو ٺاھي ٿو.آرمي چيف وڌيڪ چيو ته انتھاپسندي حالتن سان به لاڳاپيل آھي، ان رخ ۾ اسان کي تسليم ڪرڻو پوندو ته پاڪستاني نوجوان معاشري ۾ خرابي حڪمراني ۽ انصاف جي کوٽ سبب غلط استعمال ٿي رھيو آھي، لڳي ٿو ته سمورا مسلمان باهه ۾ گھيريل آھن، جتي اسان جا چئلينج حقيقي آھن، اتي تصوير جو مثبت رخ به آھي، اسان نه فقط جديد تاريخ ۾ خطرناڪ دھشتگردي واري لھر کان بچيا آھيون پر اسان ان لھر کي پوئتي پڻ ڌڪيو آھي. حقيقت ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۾ بھتري ترقي جو ماحول پيدا ڪيو آھي، خطرناڪ پروپئگنڊا باوجود حقيقت ۾ پاڪستاني قوم دھشتگردي کي رد ڪيو آھي، مان ته اھو چوندس ته اسان انتھاپسندي کي به رد ڪيو آھي. ھن چيو ته اڄوڪي سيمينار جو مقصد گڏيل طور انتھاپسندي خلاف حل ڳولڻ آھي، جنھن سبب اسان جو اثاثو نوجوانن سميت سڀ متاثر ٿي رھيا آھيون.هن چيو ته دشمن اسان جي نوجوانن جو ذھن تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، جنھن لاءِ اھي انٽرنيٽ توڙي سمارٽ فون جو پليٽ فارم استعمال ڪري رھيا آھن، جن جي مدد ڪجھه ملڪ ڪري رھيا آھن.ھن چيو ته ڀارتي قيادت ۽ ڪجھه ٻين ليڊرن جو اوڀر پاڪستان ۾ پراڪسي جنگ ۾ متحرڪ رھڻ بعد ھاڻي بلوچستان ۾ متحرڪ رھڻ ڪنھن کان لڪل ناھي، اسان انھن خطرن کان باخبر آھيون ۽ قوم جي تعاون سان متحرڪ نموني ان کي منھن ڏئي رھيا آھيون. ھن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته اسان جا گھر، تعليمي ادارا ۽ ميڊيا ھائوسز انتھاپسندي خلاف دفاع جا اھم مورچا آھن، منھنجو تعليمي ادارا چوڻ جو مقصد مدرسا به آھي، ياد رکو، اسان گڏجي دھشتگردي کي شڪست ڏني آھي، ھاڻي اسان کي انتھاپسندي کي پنھنجي روايتن، ذھني اھليت ۽ جسماني طاقت ذريعي شڪست ڏيڻي پوندي.جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته دھشتگردن کي جسماني طور شڪست ڏيڻ بعد ھاڻي انھن جي ڪوڙن پيغامن ۽ سوچ کي شڪست ڏيڻ جي اشد ضرورت آھي، انھن نام نھاد مسلمانن جو اسلام سان ڪو واسطو ناھي، اھي فقط ٺڳن ۽ قاتلن جو ٽولو آھن، جيڪي ھٻڇ ۽ شيطاني نظرئي ذريعي سڀ ڪجھه ڪن ٿا، جن اھو سمجھي ورتو آھي ته اھي گولي ذريعي اقتدار حاصل ڪري نٿا سگھن پر تشدد ذريعي ڪري سگھن ٿا، ان ڪري تباھي، خوف ۽ بربادي انھن جا اوزار آھن، هوڏانهن مختلف خانگي ٽي وي چئنلن جي رپورٽ موجب سيمينار ۾ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي، شعيب سڊل، غازي صلاح الدين، خالد حميد، ڊاڪٽر مختار احمد ۽ ٻيا موجود هئا، تعليمي ماهر خالد حميد جي سوال جو جواب ڏيندي آرمي چيف چيو ته فوج اڪيلي سر ڪجهه نٿي ڪري سگهي، فوجي به هن معاشري جو حصو آهي، هن چيو ته سنڌ هجي يا بلوچستان، ڪو مسئلو ٿئي ٿو ته فوج کي گهرايو وڃي ٿو، ريڪوڊڪ تي فوج ڪم ڪري رهي آهي، انڊس واٽر ٽرسٽي تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، هي ملڪ سڀني جو آهي ۽ سڀني جي ذميواري آهي ساڳي ذميواري فوج تي وجهڻ سان ملڪ اڳتي نه وڌندو، سڄي قوم فوج، پوليس ۽ ادارن سان گڏ بيٺي آهي، سڀني کي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻيون پونديون، سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، آئون روزانو پنهنجي ٻارن جو درد سمجهندو آهيان، فاٽا ۽ وزيرستان ۾ جڏهن به ڪو فوجي شهيد ٿيندو آهي ته ان جو ڏک دل تي محسوس ڪندو آهيان، ڪو عام شهري به شهيد ٿيندو آهي ته اکين ۾ لڙڪ ايندا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ جيڪو مسئلو ٿئي ٿو، فوج کي گهرايو وڃي ٿو، منهنجي جوانن کي آرام به نٿو ملي، هڪ محاذ کان ٻئي هنڌ وڃن ٿا، فوجين لاءِ ڳالهه ڪرڻ آسان آهي پر ان جي تڪليف جو ڪير احساس ناهي ڪندو، پنهنجي فوج، پوليس ۽ بيورو ڪريسي سان گڏ بيهڻو پوندو، وائيس چانسلرن کي يقين ڏياريون ٿا ته پاڪ فوج اوهان سان گڏ آهي، اوهان جي فوج هڪ آواز تي اوهان سان گڏ هوندي، آرمي چيف چيو ته گذريل ڏينهن ۾ فوج ۽ مون کي به ٽارگيٽ ڪيو ويو، پهريون فيصلو ڪيو ته پٽ چيو ته اوهان هڪ مقبول پر غلط فيصلو ڪيو، ٻيو فيصلو ڪيو ته پٽ چيو ته اوهان غير مقبول پر درست فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته نوجوان نسل اسٽريٽ فارورڊ آهي.