لاهور (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي ناراض اڳواڻ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پ پ قيادت 4 سالن تائين لاوارث ڇڏي ڏنو، هاڻي ڇو نه پنهنجو سياسي وارث ڳوليان، پنهنجن ڌارين جهڙو سلوڪ ڪيو پر ڌارين کي منهنجي اهميت جو اندازو آهي، فردوس عاشق اعواڻ پاران پي ٽي آءِ ۾ شموليت وارن اطلاعن کانپوءِ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي پ پ اڳواڻن منظور وٽو ۽ قيوم سومرو فردوس عاشق اعواڻ سان رابطو ڪري سندس خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ذريعن موجب فردوس عاشق اعواڻ پارٽي اڳواڻن تي واضح ڪيو ته گذريل 4 سالن کان پارٽي مون کي لاوارث ڪري ڇڏيو هو ۽ مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو، هن چيو ته پنجاب ۾ هڪ گروهه منهنجي خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، مون کي نه ڪنهن پارٽي اجلاس ۾ گهرايو ويو ۽ نه ئي مشاورت ڪئي وئي، هاڻي پارٽي کي منهنجي يادگيري ڇو آئي آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا مون سان بار بار پارٽي ۾ شموليت لاءِ رابطو ڪري رهيا آهن، سيالڪوٽ ۾ غيرن وٽ به سياسي طور تي مقبول آهيان، پوءِ ڇو نه پنهنجو سياسي وارث ڳوليان، ٻئي پاسي فردوس عاشق اعواڻ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ڊار سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪري پي ٽي آءِ ۾ شموليت جا معاملا طئي ڪيا، ذريعن موجب حتمي اعلان عمران خان سان ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويندو.