اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اٽارني جنرل اشتراو صاف دعويٰ ڪئي آھي ته عالمي انصاف واري عدالت جو عبوري حڪم ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو ڪيس جي حيثيت تي ڪو اثر نه وجھندو،ڀارت اھڙن ايجنٽن ذريعي پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪرڻ جون حقيقتون لڪائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو.اٽارني جنرل جي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آھي ته عالمي انصاف واري عدالت عبوري حڪم ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ عبوري قدم طور اسٽيٽسڪو برقرار رکڻ جو چيو آھي ۽ واضح ڪيو آھي ته عبوري قدم جو ميرٽ جي حتمي فيصلي يا ڪيس جي دائري اختيار سان ڪو تعلق ناھي.ھن چيو ته عبوري قدم ھڪ طريقيڪار آھي ته جيئن عدالت بعد ۾ شنوائي تي مڪمل نموني غور ڪري انڪري عالمي انصاف واري عدالت جا قدم حتمي فيصلي تي اثر نه وجھندا.اٽارني جنرل مطابق ڪيس جي شنوائي ۾ شرڪت ڪورٽ جي احترام ۽ ان جو دائره اختيار چيلينج ڪرڻ لاءِ ڪيو آھي جيڪو غير حاضري جي صورت ۾ نه پيو ڪري سگھجي.ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان عالمي عدالت جي شنوائي ۾ انڪري به شرڪت ڪئي آھي ته ھو سمورا مسئلا پرامن طريقي سان حل ڪرڻ ۾ يقين رکي ٿو،اسان کي اعتماد آھي ته ڀارت ڪلڀوشن ياديو جھڙن ايجنٽن ذريعي پاڪستان ۾ تباھڪارين وارا عمل لڪائي سگھڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو.ھن چيو ته عالمي انصاف واري عدالت جي حڪم ياديو ڪيس جي حيثيت ۾ ڪاتبديلي ناھي آندي،اسان شنوائي دوران ڪورٽ تي واضح ڪيو ته ڀارتي جاسوس کي قانون ۾ موجود دفاع جا سمورا موقعا فراھم ڪيا ويا ،جنھن کي اڃا به رحم جي اپيل ڪرڻ جو موقعو آھي.ھن  وڌيڪ ڄاڻايو ته اسان ڪورٽ ۾ 15 مئي تي پيش ڪيل موقف ۾ تجويز ڏني ته ڪيس جي حتمي شنوائي جلد کان جلد ميرٽ ۽ ڪيس جي دائره اختيار جي بنياد تي ڪئي وڃي،اسان ڪيس جي منطقي انجام تائين ان جي پوئيواري ڪنداسين.