اسلام آباد: عسڪري تجزئي نگارن چيو آهي ته عالمي عدالت ۾ پاڪستان مضبوط موقف نه رکيو، ڪمزور موقف جي ڪري ڀارت کي فائدو ٿيو آهي، ليفٽيننٽ (ر) طلعت مسعود چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي ڦاهي جو حتمي فيصلو ٻڌايو ويو آهي، ڀارت فيصلي خلاف اپيل ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته عالمي عدالت ۾ پاڪستان مضبوط موقف پيش نه ڪيو، جنهن جو ڀارت کي فائدو ٿيو آهي، ڀارت پاڪستان تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ڪيس عالمي عدالت ۾ کڻي ويو، هن چيو ته ملڪ جي اندروني حالتن کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪرڻ گهرجي ها، عالمي عدالت في الحال رڳو دائره اختيار جو معاملو ٻڌو آهي، ڀارت جي ڪوشش آهي ته ڪلڀوشن کي ڦاهي جي سزا نه ڏني وڃي، هن چيو ته اسان عالمي عدالت ۾ ڪيس هارايو ناهي پر اڃا وڌيڪ ثبوت ڏيڻا پوندا، برگيڊيئر حارث نواز چيو ته ڪلڀوشن جا هٿ اسان جي فوجي جوانن ۽ شهرين جي رت سان رنڱيل آهن، پرڏيهي وزارت پارليامينٽ ۾ جواب ڏئي، هن چيو ته والاريل ڪشمير ۽ سياچن ۾ ڀارت پاليسي تبديل ناهي ڪئي، ڀارت سميت عالمي سطح تي ٻڌائڻو پوندو ته اسان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪريون ٿا، هن چيو ته آمريڪا به عالمي عدالت جو فيصلو نه مڃيو هو، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جاسوسي ۽ دهشتگردي تي ڪو به معاهدو ناهي، پاڪستان کي هي ڪيس اڳتي وٺي وڃڻ گهرجي، ڪموڊور عبدالله چيو ته پاڪستان کي عالمي عدالت ۾ ڪيس جي پيروي جاري رکڻ گهرجي، عالمي عدالت جي فيصلي مان مايوس نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ڪلڀوشن خلاف ڪيترائي ثبوت آهن، ڀارت ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي، هن چيو ته جاسوس کي قونصلر رسائي نٿي ڏئي سگهجي.