ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ هڪ هفتي دوران بجلي جو هڪ دفعو ٻيهر وڏو بريڪ ڊائون ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجليءَ جي فراهمي معطل رهي، ڪي اليڪٽرڪ ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽرانسميشن لائين ۾ خرابي اچڻ ڪري شهر جي مختلف علائقن ۾ واقع گرڊ اسٽيشنن تان بجليءَ جي فراهمي معطل رهي، بجليءَ جي ڊگهي بريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ گلشن اقبال، گلستان جوهر، ملير، لياري، نيو ڪراچي، گلبرگ، ڊفينس، ڪلفٽن سميت اڪثر علائقن ۾ 6 کان 8 ڪلاڪن تائين بجلي بند رهي، جنهن سبب سخت گرميءَ ۾ شهرين کي سخت پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پيو، ڪراچي جي سياسي، سماجي ۽ واپاري حلقن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هڪ هفتي دوران لاڳيتو بجليءَ جي بريڪ ڊائون ٿيڻ تي ڪي اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ جي انتظاميا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سخت گرميءَ ۾ بجليءَ جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي