ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر ) آرٽس ڪائونسل ڪراچي  ۾ تصويرن جي نمائش جو پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان جي ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري افتتاح ڪيو، جڏهن ته تقريب ۾بجلي جي اکٻوٽ به جاري رهي، نمائش ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردراري ۽ آصفه ڀٽو زرداري ان کانسواءِ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين جي شرڪت، سيڪيورٽي سبب تقريب بدنظمي جو شڪار ٿي وئي، تقريب دوران بجلي غائب ٿي وئي، جنهن سبب پ پ چيئرمين خطاب ڪرڻ بنا واپس هليو ويو.