ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر  جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ سنڌ پوليس جي آءِ جي اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائي سندس خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ ۽  ايڊيشنل آءِ جي سردار عبدالمجيد دستي کي قائم مقام آءِ جي مقرر ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواستن تي ايڊووڪيٽ جنرل جا دليل ٻڌڻ بعد ڪارروائي 23 مئي تائين ملتوي ڪندي اي ڊي خواجا کي آءِ جي سنڌ جي عهدي تان هٽائڻ خلاف جاري ڪيل منع نامي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پائلر رضاڪاراڻي طور آءِ جي سنڌ جو عهدو ڇڏڻ بابت بيان ڏيڻ تي اي ڊي خواجا کي عدالت ۾ طلب ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ڪالهه عدالت ڄاڻايل درخواستن جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته پائلر جي وڪيل فيصل صديقي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي عدالت ۾ طلب ڪري حلفيه بيان وٺڻ لاءِ درخواست پيش ڪئي، جنهن کي عدالت قبولڻ کان انڪار ڪندي کيس اهڙي درخواست لاڳاپيل برانچ ۾ داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو دليل شروع ڪندي چيو ته پاڪستان، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ به پوليس جو آءِ جي مقرر ڪرڻ جو اختيار صوبن کي حاصل آهي، آئين تحت بچاءُ ۽ فوج وفاق جا معاملا آهن، جڏهن ته امن امان ۽ پوليس صوبن جي ماتحت آهي. هن چيو ته پوليس آرڊر 2002ع يا پوليس ايڪٽ 2011ع ۾ آءِ جي مقرر ڪرڻ جو اختيار سنڌ سرڪار کي آهي، ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته پائلر پاران پوليس ايڪٽ 2011ع خلاف داخل ڪيل درخواست ٻڌڻي جوڳي ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته هٿياربند فوج ۽ پوليس بابت قانون کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نه ٿو ڪري سگهجي، پوليس قانون تي بنيادي حق به لاڳو نه ٿا ٿين، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي صوبائي اسيمبلي جي قانونسازي تي اعتراض به آهي ته هو ان خلاف هاءِ ڪورٽ بدران سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري سگهي ٿو، جنهن ڪري هي درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻ جوڳي ناهي، هن چيو ته آءِ جي سنڌ جي مقرري جو معاملو وفاق ۽ سنڌ وچ ۾ آهي، جنهن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ به کڻي سگهجي ٿو پر هاءِ ڪورٽ هن معاملي بابت ڪيس کي نه ٿي ٻڌي سگهي، هن چيو ته سنڌ اسيمبلي آئيني اختيار استعمال ڪندي پوليس آرڊر 2002ع کي ختم ڪري پوليس ايڪٽ 2011ع پاس ڪيو آهي، جنهن جو ان کي آئيني اختيار آهي، ان موقعي تي هن سپريم ڪورٽ جي 1985ع ۾ ٻڌايل هڪ فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ڄاڻايل فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته پوليس ۽ امن امان  صوبائي سبجيڪٽ آهي، جنهن ۾ صوبائي اسيمبلي ترميم ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ڄاڻايل فيصلي ۾ اهو پڻ قرار ڏنو آهي ته پوليس ايڪٽ کي چئلينج نه ٿو ڪري سگهجي، پائلر درخواست ۾ چيو آهي ته آءِ جي کان حلفيه بيان ورتو وڃي ته هو عهدو ڇو ڇڏڻ چاهي ٿو