ڪراچي (بيورو رپورٽ) لنڊن ۾ پي آءِ اي جي جهاز مان هيروئن هٿ اچڻ جي برطانوي دعويٰ کانپوءِ هيٿرو ايئرپورٽ تي روڪيل عملو ۽ جهاز ڪراچي پهچي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته هيٿرو ايئرپورٽ تان ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ ڄاڻايل جهاز عملي سميت ڪراچي ايئرپورت پهتو، وطن واپسي پهچڻ واري عملي ۾ معاون پائليٽ، ايئر هوسٽس ۽ ٻيو عملو شامل آهي، جڏهن ته جهاز جي پائليٽ جي واپسي جي حوالي سان پي آءِ اي جي انتظاميا پاران تصديق نه ڪئي وئي آهي، ڪراچي پهچڻ بعد ڪسٽم جي عملي پاران سامان جي چڪاس ڪرڻ کانپوءِ جهاز ۾ آندل سامان عملي کي واپس ڪيو ويو.