ڪراچي(بيورو رپورٽ) منگهوپير واري علائقي ۾ تخريبڪارن گئس جي پائيپ لائين کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عامر فاروقي چيو آهي ته ڌماڪي ۾ بلوچ قومپرست ملوث ٿي سگهن ٿا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، اها گئس پائيپ لائين حب نديءَ واري رستي کان ڪراچي ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ 20 انچ قطر واري هن گئس پائيپ لائين کي منگهوپير واري علائقي ۾ نامعلوم دهشتگردن اربع ۽ خميس جي وچ واري رات بم ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، پوليس موجب ڌماڪي ۾ پائيپ لائين جو ڪجهه ٽُڪڙو اڏامي ويو، جڏهن ته باهه نه لڳي هئي ۽ هڪ اندازي مطابق گئس پائيپ لائين کي تباهه ڪرڻ لاءِ 5 کان 6 سئو گرام ڌماڪي ڌار مادو استعمال ڪيو ويو هو، ڌماڪي کانپوءِ بلديا، اتحاد ٽائون، منگهوپير ۽ ٻين علائقن ۾ گئس جي سپلاءِ معطل ٿي وئي، جڏهن ته مرمت کانپوءِ ڪالهه ٽنپهرن جو 3 وڳي ڌاري گئس بحال ڪئي وئي.