هيگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ)انصاف جي عالمي عدالت پاڪستان جي اعتراضن کي رد ڪندي جاسوسي جي الزام هيٺ موت جي سزا مليل ڀارتي دهشتگرد جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس جي فيصلي تائين ڦاهي واري سزا تي عمل روڪي ڇڏيو، عالمي عدالت جي جج روني ابراهم محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو کي تيستائين ڦاهي نه ڏني وڃي، جيستائين عالمي عدالت ۾ ڀارت جي درخواست تي فيصلو نٿو ٿئي، عالمي عدالت اسٽي جاري ڪرڻ سان گڏ عدالت جي اختيارن کي چئلينج ڪرڻ وارو پاڪستان جو موقف پڻ رد ڪيو، جج چيو ته عالمي عدالت هن معاملي جي ٻڌڻي ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، آرٽيڪل هڪ تحت عدالت وٽ ويانا ڪنوينشن جي تشريح ۾ تفريق ڪرڻ تي فيصلو ڏيڻ جو اختيار آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويانا ڪنوينشن تحت جوابدار کي قونصلر رسائي ڏيڻ بابت اختلاف موجود آهي، عالمي عدالت جي جج روني ابراهم فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ڀارت کي آگاهه ڪرڻ ۾ ناڪامي ويانا ڪنوينشن جي دائري ۾ اچي ٿي، جاسوسي جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل ماڻهن کي ويانا ڪنوينشن کان الڳ ڪري نٿو سگهجي، عدالت جي جج فيصلو ٻڌايو ته ڪلڀوشن ياديو 3 مارچ 2016ع کان پاڪستان ۾ قيد آهي، پاڪستان ٻڌايو ته ان جو معاملو ڀارت هاءِ ڪميشن آڏو اٿاريو ويو آهي، عالمي عدالت جي جج پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته جنوري 2017ع ۾ پاڪستان ڀارت کي جاچ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ خط لکيو، پاڪستان ڀارت کي اهو ٻڌايو ته قونصلر رسائي جو فيصلو پاڪستاني خط جي جواب ڏيڻ تي ٿيندو، عالمي عدالت جي جج پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پاڪستان جي اها دعويٰ درست ناهي ته ڪلڀوشن جو معاملو ويانا ڪنوينشن ۾ نٿو اچي، ويانا ڪنوينشن دهشتگردي ۽ جاسوسي جي الزام هيٺ گرفتار ماڻهن تي به لاڳو ٿئي ٿو، عدالت جي جج چيو ته قونصلر رسائي جو حق ويانا ڪنويشن جي شق 36 ۾ تسليم ڪيو ويو آهي، جج چيو ته ڀارت درخواست ۾ ڪلڀوشن جي سزا جي حوالي سان جنهن فوري خطري جي نشاندهي ڪئي آهي، اهو خطرو موجود آهي، پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪا به خاطري نه ڪرائي آهي ته عدالت جو فيصلو اچڻ تائين ڪلڀوشن کي ڦاهي نه ڏيندو، جج چيو ته پاڪستان چيو ته ڪلڀوشن کي آگسٽ 2017ع تائين ڦاهي ڏئي سگهجي ٿي،  ياد رهي ته نيدرلينڊ جي شهر هيگ ۾ واقع انصاف جي عالمي عدالت گذريل ڏينهن ڀارت ۽ پاڪستان جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو گذريل ڏينهن ٻڌايو ويو، ٻڌڻي دوران پاڪستان جي وڪيل بئريسٽر خاور قريشي دليل ڏيندي چيو هو ته ويانا ڪنوينشن تحت ڪلڀوشن جو معاملو انصاف جي عالمي عدالت جي دائري ۾ نٿو اچي، جڏهن ته ڀارتي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪلڀوشن تائين قونصلر رسائي ڏني وڃي.