ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت، وفاقي سرڪار ۽ عالمي ادارن جي پوليو بابت ٿيل گڏيل اجلاس ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 80 هزار ٻارن کي هن سال پوليو جا ڦڙا نه پيئاري سگهيا آهيون، گهڻا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان منع ڪن ٿا. هن سال هن وقت تائين سنڌ ۾ پوليو جو ڪو به ڪيس ظاهر نه ٿيو آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير ٿرپارڪر، بدين، سجاول، ڪشمور، قمبر، سانگهڙ ۽ سکر ۾ اي پي آئي واري نظام کي پي پي ايڇ آئي حوالي ڪرڻ ۽ ڊسٽرڪٽ سرويلنس ڪو آرڊينيٽر ۽ فيلڊ سرويلنس ميڊيڪل آفيسر جون جايون پيدا ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، اجلاس ۾ ڳالهائيندي آصفه ڀٽو زرداري پوليو ٽيمن تي زور ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ پوليو جي ڪيسن جي ٻُڙي  انگ کي برقرار رکڻ لاءِ سخت محنت سان ڪم ڪيو وڃي.