اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو)قومي اسيمبلي ۾ پاڻي بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف پي ٽي آءِ جي ميمبر عائشه گلالئي ۽ ان جي سربراهي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪندڙن کي بجلي چور قرار ڏئي ڇڏيو، پاڻي ۽ بجلي واري وزير جي بيان تي گوڙ، ”نواز شريف چور آ جا نعرا“ ايوان مان واڪ آئوٽ، مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته خواجا آصف خان بيان واپس وٺي، خواجا آصف بيان واپس وٺڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف ڪالهه پي ٽي آءِ جي ميمبر قومي اسيمبلي عائشه گلالئي ۽ صوبائي ميمبر جي اڳواڻي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف ٿيل احتجاجي مظاهري بابت بيان ڏيندي چيو ته جن بجلي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، انهن جي علائقي ۾ 89 سيڪڙو بجلي چوري ٿي رهي آهي، احتجاج ڪندڙن جي ڀر واري فيڊر ۾ 91 سيڪڙو بجلي چوري ٿي رهي آهي، هن چيو ته احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ۽ احتجاج ۾ موجود بجلي چور آهن، بجلي چورن احتجاج ڪيو، ان کان وڏو ڪو مذاق نه آهي، جنهن تي پي ٽي آءِ جي ميمبر سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو، پي ٽي آءِ ميمبر عائشه گلالئي چيو ته خواجا آصف جي بيان جي مذمت ڪريان ٿي، عوام کان اربين رپيا ورتا وڃن ٿا پر عوام کي حڪومت بجلي فراهم نه ڪري رهي آهي، سڄي ملڪ ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، لوڊشيڊنگ خلاف عوام احتجاج ڪري ٿو ته ان کي چور چيو وڃي ٿو، بجلي چوري ته واپڊا ڪري رهيو آهي، 98 سيڪڙو بجلي بل ڏيندڙن جي علائقن ۾ به 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، حڪومت پنهنجي نااهلي جو اعتراف ڪري، ان موقعي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ جي ميمبرن کي هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ 80 سيڪڙو غريب رهن ٿا، بجلي چوري اسيمبلين جا ميمبر ته نٿا ڪن، لاهور اليڪٽرڪ ڪمپني ۾ حيسڪو کان وڌيڪ بجلي چوري ٿئي ٿي، ٻڌايو وڃي ته اتي بجلي ڪير چوري ڪري رهيو آهي؟ لاهور ۾ ٿيندڙ بجلي چوري توهان کي ڇو نظر نه اچي رهي آهي؟ ان موقعي تي ايوان ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن ”نواز شريف چور آ“ جا نعرا هنيا، جنهن  تي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته ٻاهر ويٺل نٿا چاهين ته پارليامينٽ هجي، هن پارليامينٽ ميمبرن کي چور چيو وڃي، هن چيو ته جيڪي بل ڏين ٿا، انهن کي به بجلي نه ملي رهي آهي، دعا ڪريان ٿو ته رمضان شريف ۾ گهٽ لوڊشيڊنگ ٿئي، توهان اسان جي دور ۾ احتجاج ڪندا هئا، اسان ته توهان کي چور نه چوندا هئاسين، ان بعد پي ٽي آءِ ميمبر واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه خواجا آصف کان لفظ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ته خواجا آصف ڪنڌ لوڏي لفظ واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي پ پ سوڌو مخالف ڌر ۾ شامل سموريون پارٽيون واڪ آئوٽ ڪري هليون ويون، حڪومت کين پرچائي ايوان ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر مخالف ڌر ايوان ۾ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ايوان ۾ پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته ڪالهه اسان جون آفيسون ڊاٺيون ويون، ملازمن کي مارڪٽ ڪئي وئي، اسان کي گاريون ڏنيون ويون، اسان جواب ڏنو ته مخالف ڌر نازڪ مزاج ٿي وئي، هن چيو ته پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ۾ ڪل 928 فيڊر آهن، جن مان 252 ۾ زيرو لوڊشيڊنگ آهي، 171 فيڊرن ۾ 4 ڪلاڪ ۽ 85 فيڊرن ۾ 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪيون پيا، هن جي تقرير جاري هئي ته پي ٽي آءِ جي ساجد نواز ايوان ۾ اچي ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڳڻپ ڪئي وئي ته ڪورم پورو نه هو، جنهن تي اجلاس ڪورم پورو ٿيڻ تائين ملتوي ڪيو ويو، اڌ ڪلاڪ جي وڌيڪ وقت بعد اجلاس شروع ٿيو ته حڪومت ڪورم پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، جنهن تي اجلاس اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو