پشاور (بيورو رپورٽ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي فاٽا سڌارن تي آئيني ترميم ملتوي ڪرڻ جي اعلان جي سخت مذمت ڪندي ان کي قبائلي عوام ۽ ملڪ سان زيادتي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، هن چيو آهي ته وزيراعظم پارليامينٽرين ۽ قبائلي عوام سان ڪيل معاهدن کان انڪار ڪيو آهي، اهڙي وزيراعظم تي ڪو ڪيئن اعتماد ڪري سگهي ٿو، جيڪو هميشه پنهنجن واعدن تان ڦري وڃي.