واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چين ۽ آمريڪا بيلسٽڪ ميزائيل تجربن کانپوءِ اتر ڪوريا تي پابندين بابت سلامتي ڪائونسل ۾ گڏيل ٺهراءُ  پيش ڪرڻ جي تيارين ۾ آهن، پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير نڪي هيلي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا ۽ چين اتر ڪوريا جا سفارتي ۽ فوجي مخالف آهن، ٻئي ملڪ اتر ڪوريا تي پابندين لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ هڪ نئون ٺهراءُ پيش ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن.