اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم جي بل جي منظوري روڪڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف احتجاج، گوڙ، هنگامو ٿيو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته 2 ڏينهن اڳ فاٽا ۾ سڌارن لاءِ ترميمي بل پيش ٿيو، هڪ ميمبر پاران ڌمڪي ڏني وئي ته ان بل تي جهيڙو ٿيندو، هن چيو ته سمورين اخبارن ۾ خبرون آيون آهن ته حڪومتي اتحادي وزيراعظم سان رابطو ڪيو، وزيراعظم فاٽا سڌارن واري بل جي منظوري جو عمل روڪي ڇڏيو آهي، حڪومت هڪ طرف فاٽا جي عوام کي لالي پاپ ڏئي رهي آهي ته ٻئي طرف فاٽا جي پنهنجي ئي اتحادين ذريعي مخالفت ڪرائي رهي آهي،حڪومت جو فاٽا عوام سان رويو افسوسناڪ آهي، پي ٽي آءِ جي شاهه محمود قريشي چيو ته رواج ايڪٽ تي تحفظات آهن پر فاٽا کي ضم ڪرڻ جي مخالف ڌر مان ڪنهن مخالفت نه ڪئي پر ان جي مخالفت حڪومت جي اتحادين جي يو آءِ (ف) ۽ پختونخوا ملي عوامي پارٽي ڪئي آهي، لڳي ٿو ته سوچيل سمجهيل منصوبابندي تحت ائين ٿي رهيو آهي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي محمود اچڪزئي چيو ته توهان کي جڏهن معلوم ئي نه آهي ته فاٽا ڇا آهي ته توهان ڳالهايو ڪيئن پيا؟ فاٽا ۾ ايف سي آر 1947ع کان پهريان لاڳو ئي نه ڪيو هو، ايف سي آر اين ڊبليو ايف پي ۽ بلوچستان ۾ لاڳو ٿيو، فاٽا کي ڇيڙندئو ته ان جا عالمي اثرات مرتب ٿيندا، مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه محمود اچڪزئي جي تقرير جو جواب ڏيندي هن چيو ته محمود اچڪزئي جي پنهنجي سوچ آهي، اسان ان جا پابند نه آهيون، فاٽا پاڪستان جو حصو آهي، ان تي پاڪستان جو قانون لاڳو ٿئي ٿو، محمود اچڪزئي جو اهو چوڻ هو ته فاٽا بابت ڪنهن کي معلوم نه آهي، درست نه آهي، هن چيو ته حڪومت سنجيده آهي ته پنهنجي اتحادين سان ڳالهائي ۽ فاٽا کي ضم ڪرڻ بابت بل ايوان ۾ پيش ڪري ووٽنگ ڪرائي وڃي، جنهن کي مخالفت ڪرڻي آهي ڀلي ڪري، باقي ڪنهن جي انڪار يا ڌمڪي سان ڪم نه هلندو، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ پارليامينٽ کي ختم ڪري ڇڏيو، شاهه محمود قريشي چيو ته محمود خان اچڪزئي پاڻ کي عقل ڪل سمجهي ٿو، هن هميشه ڳالهايو ته پارليامينٽ جي بالادستي هجڻ گهرجي، اڄ چوي ٿو ته اسان کي ان تي ڳالهائڻ جو حق نه آهي، اي اين پي جي حاجي غلام احمد بلور چيو ته جيڪڏهن فاٽا پاڪستان جو حصو نه آهي ته فاٽا مان ميمبر هن ايوان جو حصو ڪيئن آهن؟ پوءِ انهن کي ايوان مان ڪڍيو وڃي، هي ايوان خودمختيار آهي، بل ايوان ۾ پيش ڪيو وڃي، وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ چيو ته پراڻي تاريخ 1947ع ۾ ختم ٿي، ان بعد آئين ٺهيا فاٽا بابت آئين ۾ طريقيڪار ڏنل آهي، ڪالهه 7 فاٽا ميمبر آيا، مشاورت ۾ 5 ميمبرن چيو ته فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي، هن چيو ته وزيراعظم يا اسان تي ڪو دٻاءُ ناهي، اتحادين کي گڏ کڻي هلڻو پوندو آهي، هڪ اڌ نقطي کانسواءِ باقي مامرن تي اتحادين جو ڪو اعتراض نه آهي، اسان جو فاٽا سڌارا متعارف نه ڪرائڻ جو ڪو ارادو ناهي، اسان نٿا چاهيون ته رواج ايڪٽ جلدبازي ۾ منظور ڪيو وڃي، رواج ايڪٽ ۽ فاٽا سڌارن جو بل ضرور ايندو هر صورت ۾ ايندو.