اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان جي هڪ ميمبر کي ٻاهر اڇلائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، فاٽا سان تعلق رکندڙ حڪومت جي اتحادي ميمبر شاهه جي گل آفريدي جذباتي ٿي بنا مائيڪ جي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته اسپيڪر کيس مخاطب ٿيندي چيو ته مون کي مجبور نه ڪيو ته توهان کي کڻائي ٻاهر ڦٽو ڪرائي ڇڏيان، هن پي ٽي آءِ جي شيرين مزاري کي به وارننگ ڏيندي چيو ته توهان ڪنهن ميمبر بابت رمارڪس نه ڏيو، شاهه جي گل آفريدي جي رويي ڪري کيس ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏيندس.