ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سخت دانهون ڪيون ويون، جنهن تي حڪومت رڳو اهي خاطريون ڪرايون ته بحران تي ضابطي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم جي ڪامران اختر بلديا ٽائون ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ جو معاملو اٿاريو، ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني صنعتي زون سائيٽ حيدرآباد ۾ پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ جو معاملو ان دوران ايم ڪيو ايم جو ڪامران اختر پاڻي جي کوٽ واري صورتحال تي ڳالهائيندي روئي ويٺو ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي آيا.