ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ نصابي ڪتابن ۾ تمام گهڻيون غلطيون هجڻ ۽ ان جو پنو غيرمعياري هجڻ وارو معاملو اٿاريو ويو، اهڙو معاملو فنڪشنل ليگ جي ميمبر شهريار مهر اٿاريو ۽ چيو ته نصابي ڪتابن جي ڇپائي تمام خراب ٿي آهي، ڪتابن جو ٻاهريون پيج رنگين آهي ۽ باقي اندريان پيج بليڪ اينڊ وائيٽ آهن. جڏهن ته پنن جو معيار به تمام خراب آهي. ٻارن کي پڙهايا ويندڙ ڪتابن ۾ بيشمار غلطيون آهن ۽ وڏي نااهلي آهي ته انهن ڪتابن جي منظوري بيورو آف ڪيريڪيولم جي بورڊ پاران به ڏني وئي آهي، جنهن ۾ مختلف ماڻهو شامل هجن ٿا، جنهن تي جواب ڏيندي تعليم واري وزير اهو چيو ته ها واقعي درسي ڪتابن جي ڇپائي ۾ غلطيون ٿيون آهن، پاڪستان اسٽڊيز ۽ ٻين ڪتابن ۾ غلطيون ٿيون هيون، جيڪي درست ڪيون ويون ۽ شهريار مهر پاران پيش ڪيل ڪتاب ۾ به جيڪي غلطيون هونديون، اهي ختم ڪيون وينديون، هن چيو ته ڪيريڪيولم بورڊ ۾ مختلف خانگي يونيورسٽين جا ماڻهو هوندا آهن ۽ نصابي ڪتابن جي منظوري اهي ڏيندا آهن. اجلاس ۾ شهريار مهر هڪ ارب 45 ڪروڙ رپين جي سبسڊي وارن ٽريڪٽرن جي منصوبي ۾ فراڊ ٿيڻ جو معاملو اٿاريو ۽ چيو ته شهزاد ٽريڊ لنڪ وارن اهو فراڊ ڪيو آهي ۽ سبسڊي جو فائدو عوام کي نه ڏنو ويو آهي. جنهن تي پي پي جي غلام چانڊيو به ڳالهائيندي چيو ته اهو واقعي فراڊ ٿيو آهي، جنهن تي ڳڻتي آهي، اينٽي ڪرپشن پاران ان معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي پر نيب ڇا ٿو ڪري، مون کي اطلاع آهن ته نيب ۾ به ان فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ۽ پوءِ پئسا ورتا ويا، جنهن کانپوءِ ڪيس ئي نٿو هلي ۽ خبر ناهي ڪيس ختم ٿي ويو، يا اڃا موجود آهي، زراعت واري وزير سهيل سيال جواب ڏيندي چيو ته واقعي اهڙو فراڊ ٿيو آهي ۽ واقعي جي اينٽي ڪرپشن جاچ ڪري رهيو آهي، کاتي پاران ان جاچ ۾ مڪمل طور تي سپورٽ ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن کاتي جا عملدار به ملوث هوندا ته انهن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.