ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ  جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ ٿر پارڪر توڙي اڇڙي ٿر وارن علائقن ۾ ٻيهر خوراڪ جي ڪمي سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ توڙي علاج معالج جي سهولتن جي کوٽ بابت اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل عبدالفتاح ملڪ جي سربراهي ۾ جوڙيل انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ پهرين جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت اهڙو حڪم ڪالهه خميس ڏينهن 2015ع ۾ اڳوڻي چيف جسٽس پاران ٿر ۾ خوراڪ جي ڪمي سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ بابت ”ڪاوش“ ۾ ڇپيل خبر تي ورتل نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو، سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو ۽ خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري سجاد عباسي سميت ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، ميرپور خاص ۽ سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنرن پيش ٿي ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال، ٻارن جي فوت ٿيڻ بابت رپورٽون پيش ڪيون، ان موقعي تي صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو ۽  خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري سجاد عباسي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ٿر ۾ هن وقت تائين 10 مرحلن ۾ مفت ڪڻڪ فراهم ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ 2 لک 70 هزار خاندانن کي مفت ڪڻڪ جي فراهمي لاءِ سمري تيار ڪري منظوري لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي اماڻي وئي آهي، ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو چيو ته سنڌ سرڪار پاران ٿر ۾ کاڌ خوراڪ جي ڪمي توڙي علاج معالج جي سهولتن بابت اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل عبدالفتاح ملڪ جي سربراهي ۾ جوڙيل انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي روشني ۾ قدم کنيا پيا وڃن، ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر رپورٽ پيش ڪندي چيو ته 2014ع کان 2017ع تائين 4لک 62 هزار ٻارن کي علاج لاءِ اسپتالن ۾ آندو ويو، جن مان 1340 ٻار فوت ٿيا آهن، 2010 ٻارن کي ٻين شهرن جي اسپتالن ڏانهن علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو، هن چيو ته هلندڙ مال سال دوران هڪ ارب 12 ڪروڙ رپيا ٿرپارڪر لاءِ رکيا ويا آهن جن مان 20 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم ليڊي هيلٿ ورڪرز، ويڪسينيٽرز ۽ ٻين ضرورتن لاءِ رکيا ويا آهن. 233 ڊسپينسرين کي فنڪشنل بڻايو ويو آهي، ٿر جي اسپتالن جي بجيٽ ٻيڻي ڪئي وئي آهي، ٿر ۾ فوري علاج جون سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ خوراڪ جي ڪمي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مختصر مدي لاءِ به قدم کنيا ويا آهن“ رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته 2014ع کان 2017ع تائين پنجن سالن کان گهٽ عمر جا گهٽ وزن سبب 341 ٻار فوت ٿي ويا آهن، ساهه جي تڪليف سبب 36، خوراڪ جي ڪمي سبب 36، ڊائريا ۾ 14 ۽ ٻين مختلف سببن جي ڪري 208 ٻار فوت ٿي ويا آهن، ان موقعي تي پائلر جي وڪيل فيصل صديقي پيش ٿي ڄاڻايل ڪارروائي ۾ ڌر بڻائڻ لاءِ درخواست پيش ڪندي چيو ته ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال ۽ ٻارن جي فوت ٿيڻ بابت منهنجي درخواست تي اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل عبدالفتاح ملڪ جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي وئي جنهن پنهنجي رپورٽ ڏني پر ان تي عمل نه ڪيو ويو، جنهن تي عدالت سنڌ سرڪار کي پهرين جون تي ڄاڻايل انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي