اسلام آباد (بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان چيو آهي ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جو ڪيس عالمي عدالت جي دائري ۾ نٿو اچي، هي قومي سلامتي جو معاملو آهي، قومي سلامتي جي معاملي تي ڪو به ڌر نٿو بڻجي سگهي، عالمي عدالت جي فيصلي تي اعليٰ سطحي مشاورت کانپوءِ ردعمل ڏنو ويندو، اسان جي قانوني ماهرن به عالمي عدالت ۾ دائره اختيار جو معاملو اٿاريو هو، نفيس ذڪريا هفتيوار بريفنگ ڏيندي وڌيڪ چيو ته پاڪستان هلندڙ سال ڊڪليئريشن آرٽيڪل 36 تحت عالمي عدالت ۾ جمع ڪرايو، ڊڪليئريشن تحت پاڪستان ڪجهه معاملن ۾ عالمي عدالت جي دائري کي تسليم نٿو ڪري، ڪلڀوشن جو معاملو به ان ڪئٽيگري ۾ اچي ٿو، هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت ڪلڀوشن واري ڪيس کي انساني معاملو ڪري پيش ڪرڻ چاهي ٿو، ٻئي پاسي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جي ڦاهي تي عالمي عدالت طرفان اسٽي ڪا وڏي ڳالهه ناهي، اسان جي وڪيل طرفان صحيح ڪيس نه وڙهڻ جو تاثر به غلط آهي، ڇاڪاڻ ته وڪيل بهتر نموني ڪيس پيش ڪيو، پنهنجي ردعمل ۾ سرتاج عزيز چيو ته عالمي عدالت ڪلڀوشن تائين قونصلر رسائي بابت صرف راءِ ڏني آهي، عدالت آڏو اسان جي راءِ آهي ته قونصلر رسائي ۾ سيڪيورٽي انتهائي اهم آهي، عالمي عدالت جي فيصلي سان ڪلڀوشن جي معاملي تي پاڪستان جو موقف تبديل ناهي ٿيو، هن چيو ته پاڪستاني وڪيل عالمي عدالت ۾ بهتر نموني ڪيس پيش ڪيو.