حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) نيشنل پارٽي جي سربراهه ۽ پورٽ اينڊ شپنگ جي وفاقي وزير مير حاصل بزنجو گوادر ۾ سنڌي پورهيتن جي شهادتن تي معافي گهرندي چيو آهي ته بلوچ علحيدگي پسند ڀارتي ايجنٽ آهن، جيڪي بلوچن کي به ماري رهيا آهن، وفاقي حڪومت پورهيتن جي وارثن کي معاوضو ڏيندي، جنهن بعد آئون فاتحه تي به ويندس، ڪالهه جيم خانه حيدرآباد ۾ ڪاوش سان ڳالهائيندي مير حاصل بزنجي چيو ته گوادر واقعي کي ڪجهه ڌريون غلط رند ڏين پيون، تاريخي طور سنڌي ۽ بلوچ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، ان واقعي کي سنڌي بلوچ تڪرار جو رنگ نه ڏنو وڃي، سنڌين کي ماريندڙ ساڳيا دهشتگرد معصوم بلوچن کي به ماري رهيا آهن، حب ۾ پولٽري جي ورڪرن کي ماريو ويو، هن چيو ته نيشنل پارٽي بلوچستان جي وڏي پارٽي آهي، پارٽي جي حيثيت ۾ مون سمجهيو ته سنڌي ماڻهن سان رجوع ڪجي، ان جو بهتر طريقو هو ته حيدآباد جي پريس ذريعي آگاهي ڏيان، هن چيو ته هي دهشتگرد آهن، جيڪي سڀني کي مارين پيا، جنهن روڊ تي سنڌي پورهيت ماريا ويا اهو روڊ نه سي پيڪ جو حصو هو نه ايف ڊبليو او وٽ هو، هڪ اسڪيم جو روڊ هو، جنهن جو ٺيڪيدار اسان جي پارٽي جو ناهي، حملو ڪندڙ ڀارتي ايجنٽ آهن، جن لاءِ مودي جو اها بيان ثابتي آهي ته بلوچ مون کي سڏي رهيا آهن، هن چيو ته انهن ساڳين دهشتگردن هن مهل تائين 3 هزار بلوچ به ماريا آهن، سنڌي دانشور ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن کي اڳيان اچڻو پوندو، غلط پروپئگنڊا کي ختم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته آئون هتي وفاقي وزير جي حيثيت م نه پر بلوچ ليڊر طور آيو آهيان، ڪوشش آهي ته سنڌ جي قومپرستن سان به ملان پر سنڌ جا قومپرست مون کي نظر نٿا اچن، هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت کي چيو آهي ته سنڌي پورهيتن جي وارثن کي معاوضو ڏيو، جڏهن معاوضو ملندو ته آئون متاثر خاندانن سان پاڻ وڃي عذرخواهي ڪندس، ان موقعي تي مسلم ليگ نواز جو مرڪزي نائب صدر شاهه محمد شاهه، نيشنل پارٽي سنڌ جو صدر رمضان ميمڻ، منارٽي ونگ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري کيئل داس ڪوهستاني، اسماعيل وساڻ، خالد شيخ، شاهه زمان شاهه، مير امان الله ٽالپر، راجا غظنفر حسين، قمر راڄپر ۽ ٻيا به نواز ليگي اڳواڻ موجود هئا.