اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاناما ليڪس جي گڏيل جاچ ٽيم بيان رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن، خانگي چئنل موجب جي آءِ ٽي جي 6 ميمبرن آءِ سي آءِ جي نمائندي عمر چيمه جو بيان رڪارڊ ڪيو ۽ پاناما پيپرز بابت سوال ڪيا، ذريعن موجب گڏيل جاچ ٽيم ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ ماڻهن جا بيان به رڪارڊ ڪندي.