ڪراچي (رپورٽ: وحيد راڄپر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حڪمن کي بااثر ڪامورن ٿڏي ڇڏيو، روز روز گڏجاڻين باوجود به هلندڙ مالي سال 17-2016ع دوران صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ مختص ڪيل 266 ارب رپين مان 31 جون 2017ع تائين ڪل 215 ارب 50 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي سگهندا، جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ مختص ٿيل 225 ارب رپين مان 177 ارب 20 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي سگهندا، هڪ هزار 777 هلندڙ ترقياتي رٿائن لاءِ مختص ڪيل 119 ارب 15 ڪروڙ رپين مان 117 ارب 20 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي سگهندا ۽ 996 نئين ترقياتي رٿائن تي اٽڪل 81 ارب رپين مان 35 ارب رپيا خرچ ٿي سگهندا، پرڏيهي فنڊنگ سان هلندڙ ترقياتي رٿائن تي 28 ارب 80 ڪروڙ رپين مان 26 ارب 10 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي سگهندا، جڏهن ته وفاقي ترقياتي پروگرام جي 25 رٿائن تي سوا 12 ارب ۽ ضلعي ترقياتي پروگرام جا 25 ارب رپيا لاڳاپيل رٿائن تي خرچ ٿي سگهندا، اهڙي طرح سنڌ جي ترقياتي پروگرام لاءِ مختص ٿيل 266 ارب رپين مان 215 ارب 50 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي سگهندا. ذريعن موجب ناڻي کاتي جي ڪامورن وڏي وزير کي اها به آگاهي ڏني آهي ته ترقياتي رٿائن جا ليپس ٿيندڙ ساڍا 50 ارب رپيا ٻين مقصدن تي خرچ ڪري ڪتب آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هن وقت مالي گهوٽالو اربين رپين تائين پهچي چڪو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ ۽ ٻين ترقياتي رٿائن کي مڪمل فنڊنگ ڏئي وقت کان اڳ مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جن رٿائن کي آئوٽ سائيڊ بجيٽ به جاري ڪئي ويندي. دستاويزي رپورٽ ۾ وڌيڪ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته 30 جون 2017ع تائين بورڊ آف روينيو 3 ارب 73 ڪروڙ رپين مان 2 ارب 43 ڪروڙ رپيا، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ 30 ڪروڙ رپين مان 17 ڪروڙ، ماحوليات ۽ سامونڊي ترقي لاءِ مختص ڪيل 46 ڪروڙ رپين مان 30 ڪروڙ، ايڪسائيز کاتو 16 ڪروڙ رپين مان 3 ڪروڙ، ناڻو کاتو هڪ ارب 5 ڪروڙ رپين مان 39 ڪروڙ، گورنر سيڪريٽريٽ 10 ڪروڙ رپين مان 8 ڪروڙ، اطلاعات کاتو 26 ڪروڙ رپين مان 19 ڪروڙ، انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي کاتو 53 ڪروڙ رپين مان 20 ڪروڙ، رٿابندي ۽ ترقي وارو کاتو 3 ارب 78 ڪروڙ رپين مان 2 ارب 5 ڪروڙ، ايس جي اي اينڊ سي ڊي کاتو 3 ارب 89 ڪروڙ رپين مان اڍائي ارب، سيڙپڪاري بورڊ 28 ڪروڙ رپين مان 15 ڪروڙ، سنڌ روينيو بورڊ 50 ڪروڙ رپين مان 10 ڪروڙ، گهرو کاتو 2 ارب رپين مان هڪ ارب 69 ڪروڙ رپيا، قانون کاتو هڪ ارب 16 ڪروڙ رپين مان 99 ڪروڙ، زراعت کاتو 5 ارب 79 ڪروڙ رپين مان 4 ارب 81 ڪروڙ، خوراڪ کاتو 38 ڪروڙ رپين مان 8 ڪروڙ، ٻيلو ۽ جهنگلي جيوت وارو کاتو 80 ڪروڙ رپين مان 53 ڪروڙ، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتو هڪ ارب 80 ڪروڙ رپين مان هڪ ارب 5 ڪروڙ، توانائي کاتو 6 ارب 34 ڪروڙ رپين مان 3 ارب 92 ڪروڙ، ٿرڪول جي ترقي لاءِ مختص ٿيل 15 ارب 37 ڪروڙ رپين مان 13 ارب 16 ڪروڙ رپيا، صنعتن وارو کاتو 2 ارب 83 ڪروڙ رپين مان هڪ ارب 61 ڪروڙ، مائنز اينڊ منرل کاتو 16 ڪروڙ رپين مان 6 ڪروڙ، ٽرانسپورٽ کاتو اٽڪل سوا 3 ارب رپين مان 2 ارب 19 ڪروڙ، ورڪس اينڊ سروسز کاتو 14 ارب رپين مان 13 ارب 61 ڪروڙ، ڪچي آبادي وارو کاتو 9 ڪروڙ رپين مان 5 ڪروڙ، مڪاني ادارن وارو کاتو اٽڪل پوڻا 21 ارب رپين مان 15 ارب 85 ڪروڙ، صحت کاتو 14 ارب رپين مان 8 ارب 77 ڪروڙ، آبادي جي ڀلائي وارو کاتو 75 ڪروڙ رپين مان 36 ڪروڙ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو 4 ارب 27 ڪروڙ رپين مان اٽڪل 4 ارب، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو 2 ارب کان وڌيڪ فنڊن مان هڪ ارب 69 ڪروڙ، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن وارو کاتو 2 ارب رپين مان هڪ ارب 82 ڪروڙ، تعليم وارو کاتو 13 ارب رپين مان 9 ارب 81 ڪروڙ، يونيورسٽين ۽ بورڊن وارو کاتو اٽڪل 3 ارب رپين مان هڪ ارب 18 ڪروڙ، محنت ۽ افرادي قوت وارو کاتو 12 ڪروڙ رپين مان 6 ڪروڙ، بحالي وارو کاتو 69 ڪروڙ رپين مان 33 ڪروڙ، سماجي ڀلائي وارو کاتو 29 ڪروڙ رپين مان 18 ڪروڙ، عورتن جي ڀلائي وارو کاتو 43 ڪروڙ رپين مان 15 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري سگهندا.