ڪراچي (رپورٽ: رشيد ميمڻ) سنڌ ۾ خدمتن تي سيلز ٽيڪس وصول ڪندڙ اداري سنڌ روينيو بورڊ ٽيڪس ادا نه ڪندڙ سوين ادارن لاءِ ٽيڪس پئڪيج جو اعلان ڪندي ڄاڻايو آهي ته جيڪي به ماڻهو 5 کان 20 سيڪڙو تائين ٽيڪس ادا نه ڪرڻ واري ڏنڊ مان پئسا ادا ڪندا ته انهن کي باقي ڏنڊ جي رقم معاف ڪئي ويندي، جڏهن ته ٽيڪس ادا نه ڪندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو، ڪالهه سنڌ روينيو بورڊ پاران اهڙو هڪ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وڏي وزير جي منظوريءَ سان ٽيڪس فائدو پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت خدمتن تي سيلز ٽيڪس ادا نه ڪندڙ ماڻهن ۽ ادارن کي مقرر تاريخ تي ڏنڊ واري رقم 5 سيڪڙو کان 20 سيڪڙو تائين ادا ڪرڻ جي صورت ۾ بقايا پئسا معاف ڪيا ويندا ۽ انهن جي خلاف وڌيڪ ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ويندي، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي ٿيندڙ ڊفالٽ سرچارج جي ڏنڊ وارن پئسن مان جيڪڏهن 19 مئي کان 25 مئي تائين رهيل ٽيڪسز ۽ ڏنڊ واريون 5 سيڪڙو رقمون ادا ڪيون ويون ته ڏنڊ جون 95 سيڪڙو رقمون معاف ڪيون وينديون، اهڙي طرح 26 مئي کان 2 جون تائين جي وقت ۾ ٽيڪس ادا ڪرڻ جي صورت ۾ 90 سيڪڙو ڏنڊ وارا پئسا ۽ 3 جون کان 9 جون تائين ڏنڊ وارا پئسا ادا ڪرڻ واري صورت ۾ 80 سيڪڙو پئسا ڏنڊ جا معاف ڪيا ويندا، اهڙي طرح ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي پينلٽي جي مد ۾ 90 سيڪڙو پئسا معاف ڪيا ويندا، ان بابت سنڌ روينيو بورڊ جي اختيارين ڄاڻايو آهي ته سمورا ٽيڪس ادا ڪندڙ ادارا ۽ ماڻهو ان ٽيڪس پئڪيج مان فائدو وٺن ۽ اُهو ٽيڪس پئڪيج 9 جون 2017ع تائين لاڳو هوندو، جڏهن ته ٽيڪس ڊفالٽرن خلاف ان رعايتي پئڪيج کانپوءِ به ٽيڪس ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪارروائي شروع ڪئي ويندي جنهن تحت ٻين ڪاررواين سان گڏ سندن گرفتاري به ٿي سگهي ٿي.