اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شيري رحمان ڀارتي ايجنٽ بابت عالمي عدالت جي فيصلي کي حڪومت جي نااھلي قرار ڏيندي فوري طور قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.ڪالھه زرداري ھائوس ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي پارٽي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو ته حڪومت ناتجربيڪار وڪيل ذريعي ڪيس وڙھي قوم کي ڌچڪو ڏنو آھي، ھن دعويٰ ڪئي ته حڪومت ٻڌائي ته عالمي انصاف واري عدالت ۾ رولز تحت ايڊھاڪ جج مقرر ڇو نه ڪيو ويو، پاڪستان وٽ 10 مئي تائين ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جو وقت به هو ۽ ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو جي سرگرمين جو مامرو اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۾ ڇو نه اٿاريو ويو آھي.