ڪراچي: انصاف واري عالمي عدالت ۾ پاڪستاني ٽيم ۾ شامل وڪيل معظم علي چيو آهي ته صرف عدالتي رولنگ مان نتيجا ڪڍڻ ٺيڪ ناهي، ڪيس ته اڃا شروع ئي ناهي ٿيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو معاملي تي ڀارتي درخواست ۾ پڪيون شاهديون موجود ئي ناهن، ڪيس شروع ٿيندو ته پاڪستاني وڪيل ڀرپور دليل ڏيندا، عالمي عدالت عبوري فيصلو ٻڌايو آهي، هن چيو ته عدالت جي زبان تي پنهنجي مرضي جا لفظ رکيا پيا وڃن، فيصلو واضح آهي ته ڪيس تي ڪو فيصلو ئي ناهي ٿيو