ڪراچي: سنڌ جي مالي سال 18-2017ع جي بجيٽ 2 کان 6 جون تائين پيش ڪرڻ لاءِ غور ويچار شروع ڪيو ويو آهي، اهڙي تجويز ناڻي، رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي طرفان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٿيل هڪ غير رسمي گڏجاڻي ۾ ڏني وئي آهي. ذريعن ٻڌايو ته وفاقي بجيٽ 26 مئي ۽ پنجاب سرڪار پهرين جون تي بجيٽ پيش ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي ۽ سنڌ صوبو 2 کان 6 جون تائين بجيٽ پيش ڪري سگهي ٿو پر سنڌ بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ تاريخ تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.