ڪراچي: وفاقي سرڪار سنڌ سميت چئني صوبن لاءِ ترقياتي رٿائن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ قومي اقتصادي ڪائونسل جي گڏجاڻي اڄ طلب ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ سنڌ سرڪار طرفان صوبي ۾ 36 ترقياتي رٿائن لاءِ 45 ارب رپيا گهرڻ لاءِ پنهنجو ڪيس تيار ڪري ورتو آهي، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ رٿائون آبپاشي کاتي سان لاڳاپيل آهن. ذميوار ذريعن موجب ايندڙ مالي سال 18-2017ع ۾ سنڌ جون ترقياتي رٿائون شامل ڪرائڻ لاءِ وڏي وزير”سنڌ ڪيس“ تيار ڪري ورتو آهي، گڏجاڻي ۾ سکر ۽ گڊو بئراج، ننڍن ڊيمن جي اڏاوت، ڪئنالن جي لائيننگ، دريائي بندن کي مضبوط ۽ پڪو ڪرڻ سميت 36 ترقياتي رٿائن کي ايندڙ وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سفارشن تي مشتمل مسودو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪل لاڳت 45 ارب رپيا ٻڌائي پئي وڃي.