خانپورمهر (ن ڪ) خانپورمهر وچ شهر مان اٽڪل پنج ڏينهن پهرين ايس ايس پي گهوٽڪي جي اسپيشل فورس هٿان کنڀي گم ڪيل ڳوٺ مياڻي واسي نوجوان عطا محمد مهر کي ڪالهه ڳڻتي جوڳي ۽ بيهوشي واري حالت ۾ خانپورمهر ٿاڻي ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي، خانپورمهر جي صحافين آڏو تشدد ۾ زخمي ٿيل نوجوان عطا محمد مهر دانهيندي الزام  هنيو  ته 5 ڏينهن پهرين آئون خانپورمهر جي هڪ موبائيل شاپ تي موبائيل خريد ڪري رهيو هئس ته موبائيل ۾ سوار اهلڪارن منهنجون اکيون ٻڌي هتان کڻي هڪ نامعلوم جڳهه تي قيد ڪيو، جتي ايس ايس پي جي اسپيشل ٽيم جا اهلڪار مون مٿان پنجن ڏينهن تائين وحشياڻو تشدد ڪندي مون کان هڪ چوري ٿيل ٽريڪٽر جو ڏوهه باسرائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر آئون بيگناهه هيس ۽ مون کين چيو ته مون کي ٽريڪٽر بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي، جنهن کانپوءِ پنجين ڏينهن تي اکيون ٻڌي هڪ گاڏي ۾ وجهي ٽارچر سيل مان کنيو ويو، جڏهن منهنجي اکين تان پٽيون کوليون ويون ته خبر پئي ته مون کي خانپورمهر ٿاڻي تي آندو ويو آهي،پوليس اهلڪارن جي وحشياڻي تشدد سبب هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهيان نوجوان عطا محمد مهر وڌيڪ ٻڌايو ته پنجن ڏينهن تائين مون کي طرح طرح جون اذيتون ڏنيون ويون، صبح توڙي شام مون کي 10 اهلڪار تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا ۽ پنجن ڏينهن تائين مون کي ماني به نه ڏني وئي، هن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته مون مٿان ناحق تشدد ڪرڻ واري معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي مون مٿان بنا جواز تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خانپور مهر ٻڌايو ته عطا محمد مهر تي پوليس ڪو به تشدد نه ڪيو آهي، کيس ڪالهه ئي گرفتار ڪيو آهي، عطا محمد مهر گهوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جروار، عادلپور، خانپورمهر ٿاڻن تي مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهي، هو گرفتاري دوران فرار ٿيندي موٽرسائيڪل تان ڪرڻ سبب زخمي ٿيو آهي، پوليس مٿس ڪو به تشدد نه ڪيو آهي.