پير جو ڳوٺ (ن ڪ) پير ڳوٺ ڀرسان صدر جي ڀٽيون جو 8 ورهين جو ڪرم پٽ امتياز لاشاري صدر جي ڀٽيون ڀرسان وهندڙ شاخ ۾ اوچتو ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش 14 ڪلاڪن بعد هٿ ڪيو ويو، واقعي سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.