فيض گنج (ن ڪ) فيض گنج ۾ ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مولوي عطاءُ الله ۾ 9 ڏينهن اڳ زمين جي مالڪي جي تڪرار تان جهيڙي دوران ڏنڊو لڳڻ جي نتيجي ۾ پيرسن انوار احمد آرائين شديد زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس طبعيت ۾ سڌارو نه اچڻ ڪري ڪراچي جي اسپتال داخل ڪيو ويو هو، جتي زخمي پيرسن فوت ٿي ويو، فوتي جي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ لاش کي فيض گنج رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي مقتول جي لاش سان گڏ آيل وارث شاهد آرائين، نعيم آرائين ۽ ٻين ٻڌايو ته 9 ڏينهن اڳ مقتول جي سئوٽ جوابدار آصف آرائين 5 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي مزاحمت ڪرڻ دوران مقتول انوار احمد کي آصف آرائين ڏنڊو هنيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ مقتول ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.