ڪشمور(ن ڪ)ڪشمور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار هٿان ويڳي ماءُ قتل، خبر موجب گذريل رات دير سان ڪشمور جي عيد گاهه پاڙي ۾ جوابدار عبدالڪريم جکراڻي پنهنجي ساٿين جي مدد سان پنهنجي ويڳي ماءُ مسمات شاهه پري  کي ٽي ٽي پستول جا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، ڪشمور  پوليس تعلقي اسپتال ڪشمور مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حولي ڪيو، جيڪي لاش اباڻي ڳوٺ بخشاپور کڻائي ويا، ان سلسلي ۾ ڪشمور ٿاڻي تي مقتوله جي ڀاءُ لعل بخش ڊومڪي جي فرياد تي ايس ايڇ او گيهلپور نبي بخش جکراڻي سندس پٽ عبدالڪريم جکراڻي ۽ ڀائيٽي رياض جکراڻي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدارن بنا ڪنهن سبب جي ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي ٻئي پاسي علائقي ۾ چئوٻول آهن ته جوابدارن ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي ويڳي ماءُ کي قتل ڪيو آهي دير تائين ان سلسلي ۾ ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.