حيدرآباد (نمائندن وٽان) سنڌ مان بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ ختم ناهي ٿي، لوڊشيڊنگ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، مليل ڄاڻ موجب لاڙڪاڻي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ ۽ 30 کان وڌيڪ ٽرانسفامر بند هئڻ ۽ بحران خلاف لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ ۽ مختلف يوسيز جي چيئرمينن پاران جامعه اسلاميه دودائي روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي لاڙڪاڻي جي ليڊيز جيل روڊ تي ايس اي سيپڪو آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن طارق خالد محمود سومرو، محبت کهڙو، مولانا حميد سيال، جمال مصطفيٰ تنيو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن مان مهينن کان ٽرانسفارمر بند ڪيا ويا آهن، شهرين ڏانهن ڏنڊ وارا ڳرا بل اماڻيا پيا وڃن، بجلي جي لوڊشيڊنگ 18 کان 20 ڪلاڪ ڪئي وڃي ٿي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن وٽ ايس اي سيپڪو عبدالاحد چيو ته شهر ۾ 8 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ڪوشش هوندي ته اتي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ٿئي، جيڪي ماڻهو بل ادا ڪن ٿا، انتظاميا جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو، ڪنڊيارو جي دالي فيڊر تي بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران ظفر کوسو، علي حسن مڱريو، محبت علي کوسو، هارون مڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نصيرآباد ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بل اماڻڻ خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي ڪالهه ڇهين ڏينهن به يو بي ايل بئنڪ ڀرسان 3 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي، جنهن ۾ مرتضيٰ چانڊيو، ضمير حسين مسڻ، شاهد کوکر، عاشق واهوجو، اڪبر شيخ، اعجاز سومرو ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته ايس ڊي او سيپڪو کي هٽائي واڌو بل ۽ هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، سيپڪو ڏوڪري ۾ شهر جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شفيق احمد آريجو، علي ديشي، استاد برڪت آريجو، سيد شفقت شاهه ۽ ٻين وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فورن نوٽيس وٺي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري بيچيني دور ڪئي وڃي..