ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ:جئرام مالهي) ڪوٽ غلام محمد ڀرسان ٻن ڪارن ۾ زوردار ٽڪر، ڪار مالڪ سميت 2 ڄڻا فوت، ٻه ڀينرون زخمي، حالت نازڪ، هڪ فوتي ۽ زخمي نينگريون شادي جي تقريب ۾ وڃي رهيون هيون، ٻي ڪار جو ڊرائيور فرار، خبرموجب ڪوٽ غلام محمد ويجهو ڀڳت ڳوٺ ڀرسان يامين پيٽرول پمپ وٽ هڪ ڪار سامهون ايندڙ ويندڙ ٻي ڪار سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ننڍي ڪار ڪلٽيون کائيندي کڏ ۾ ڪري تباهه ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار مالڪ محمد بخش چانڊيو ۽ مٺڙائو موري کان لفٽ وٺي ڪار ۾ سوار ٿيندڙ انب موري واسي مگهو ميگهواڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ مگهو ميگهواڙ جون ٻه ڀاڻيجيون 11 سالن جي ڪوشيلا ۽ 15 سالن جي وڌيا مگهيواڙ ڌيءَ ايسر داس ميگهواڙ سخت زخمي ٿي پيون، حادثي بعد ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن ۽ آدمشماري لاءِ مقرر آرمي ۽ پوليس اهلڪارن ڪار کي ڪٽي لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد پهچايو، جتي ڪوشيلا  ۽ وڌيا جي حالت ويتر خراب هئڻ جي ڪري ڊاڪٽرن حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سرڪاري ايمبولينس ۾ تيل نه هئڻ سبب زخمي نينگرين کي ميرپورخاص اسپتال ۾ تڙپندڙ حالت ۾ پهچايو ويو پر نينگرين جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کين حيدرآباد اماڻيو ويو، هوڏانهن اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته انب موري واسي مگهو ميگهواڙ جي گهر ۾ شادي رٿيل هئي ۽ مگهو ميگهواڙ سندس ڀاڻيجين کي ساماري تعلقي جي ديهه 325 جي ڳوٺ ارشاد راجپوت مان وٺي مٺڙائو تي پهچي ڪنري کان ويندڙ فيڊ سپلاءِ ڪندڙ حيدرآباد واسي محمد بخش چانڊيو کان لفٽ ورتي ۽ ڪار ۾ سوار ٿي ميرواهه گورچاڻي ڏانهن وڃي رهيا هئا ته هي دردناڪ حادثو پيش آيو، جڏهن فوتين جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب ٻه ڪلاڪن تائين لاش اسپتال ۾ پيل رهيا ۽ تعلقي اسپتال ۾ سهولتون نه هئڻ سبب زخمي نينگريون پڻ ڪلاڪ تائين تڙپنديون رهيون، جڏهن ته ٻي ڪار جو ڊرائيور ٽڪر بعد گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو، ڪوٽ غلام محمد پوليس پهچي ڪار تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪي ٽي اين تي خبر نشر ٿيڻ بعد مگهو ميگهواڙ جو ڀيڻوئي ۽ نينگرين جي والد ايسر داس ميگهواڙ تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد پهچي پنهنجي سالي مگهو ميگهواڙ جي لاش جي سڃاڻپ ڪئي ۽ پنهنجي نياڻين بابت پڇا ڪئي، جن کي حيدرآباد اسپتال ڏانهن ريفر ڪيو ويو هو، ٻئي پاسي ايسر داس ميگهواڙ ڪاوش کي ٻڌايو ته منهنجي ساهرن ۾ شادي رٿيل هئي ۽ منهنجو سالو مگهو اڄ منهنجي نياڻين کي وٺي وڃي رهيو هو ته هي حادثو پيش آيو ۽ شادي جون سموريون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن، هوڏانهن فوتي مگهو ميگهواڙ جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته فوتي ڪار مالڪ محمد بخش چانڊيو فيڊ جي سپلاءِ ڪندو هو ۽ مختلف شهرن ۾ سپلاءِ بعد ڪنري کان حيدرآباد ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ يامين خان پيٽرول پمپ وٽ آمهون سامهون ايندڙ ڪارن ۾ ٽڪر ٿي پيو ۽ محمد بخش چانڊيو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ سندس ڀاءُ گلشير چانڊيو ڪئي ۽ فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد کڻائي حيدرآباد سائيٽ ايريا روانو ٿي ويو، اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ڪار ۾ سوار ڊرائيور ۽ همراهه پڻ زخمي ٿي ويا هئا ۽ ڊرائيور جي فرار ٿيڻ بعد همراهه به ڪار مان لهي فرار ٿي ويا آهن، آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو