نوابشاهه (ن ڪ) ڄام صاحب ڀرسان ڳوٺ شادي خان بروهي جي رهواسي 8 سالن جو معصوم ٻار نور احمد بروهي مال چارڻ دوران سم نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو، جنهن بعد اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي معصوم نور احمد جو لاش ڪڍيو، اوچتو معصوم جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.