لاڙڪاڻو (رپورٽ:معشوق اوڍاڻو) چانڊڪا سول اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن وچ ۾ مبينا بدلين ۽ مقررين واري مامري تي ڇڪتاڻ وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي، ڪالهه به ڏنڊا بردارن چانڊڪا سول اسپتال جي چئني يونٽن ۾ ڪالهه چوٿين ڏينهن به او پي ڊي بلاڪن کي تالا هڻائي ڇڏيا، 6 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج نه ٿيو، وارثن طرفان تالا بندي ڪندڙن خلاف احتجاج، سيشن جج نوٽيس ورتو، ايم ايس توڙي پيراميڊيڪل اڳواڻن کي 21 مئي تي طلب ڪيو ويو، مامري جو وڏي وزير نوٽيس ورتو، ايم ايس کان تفصيلي رپورٽ طلب، مليل ڄاڻ موجب اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا اسپتالن جي چئن يونٽن چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، چانڊڪا سول اسپتال، چانڊڪا ٻارڙن جي اسپتال ۽ شيخ زيد وومين اسپتال ۾ ڪالهه به پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي اڳواڻن پاران ٽولن جي صورت ۾ وڃي او پي ڊي بلاڪس ۾ تالا لڳرائي ڇڏيا، جنهن ڪري 6 هزار جي لڳ ڀڳ مريض پريشان ٿي ويا، اهڙي صورتحال کانپوءِ ايم ايس پاران نرسنگ اسڪول ۽ ٻين اسپتال مان عملي کي گهرائي او پي ڊيز جا تالا ٽوڙي او پي ڊي ٻيهر شروع ڪرائي وئي، هوڏانهن هڙتال سبب چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، چانڊڪا يوريالاجي شعبو ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ رٿيل 20 کان وڌيڪ آپريشن ملتوي ڪيا ويا، هوڏانهن او پي ڊيز بند هجڻ تي مختلف علائقن کان آيل مريضن جي وارثن پاران تالابندي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي محمد علي سومرو، نياز کجڙ، علي خان ڏاهاڻي، مير محمد ميمڻ ۽ ٻين چيو ته اسين مختلف علائقن کان چانڊڪا اسپتالن ۾ دوا وٺڻ لاءِ آيا آهيون، مريضن جي حالت خراب آهي، او پي ڊي کي تالا لڳل آهن، ايڪسري مشين ۽ ٻين ٽيسٽن جي ليبارٽرين کي به تالا هنيا ويا آهن، حڪومت هن صورتحال جو نوٽيس ڇو نه ٿي وٺي، ڇا انتظار ڪيو پيو وڃي ته وڌيڪ مريض فوت ٿين، پوءِ نوٽيس ورتو ويندو؟! هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر عنايت ڪانڌڙو چيو ته او پي ڊيز ۽ ٻين وارڊن کي هلائڻ لاءِ نرسنگ اسڪول مان به عملو طلب ڪيو ويو، ملازمن جي اڪثريت ڊيوٽين تي آهي، اسپتالن کي هر صورت ۾ هلايو ويندو، هوڏانهن روزانو ڪاوش ۾ ملازمن جي هڙتال دوران شڪارپور واسڻ مسمات مومل سندراڻي فوت ٿي وئي هئي ۽ سوين مريضن کي علاج جون سهولتون نه ملي سگهيون هيون جو سيشن جج لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي ٿرڊ جڊيشل مئجسٽريٽ کي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن بعد ٿرڊ جڊيشل مئجسٽريٽ لاڙڪاڻو پاران ايس ايڇ او سول لائين معرفت هڪ ليٽر اماڻي چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي هڙتال ڪرائيندڙ اڳواڻن شاهي خان جاگيراڻي، ذوالفقار سهتو، غلام حسين جلباڻي کي فورن هڙتال ختم ڪري 21 مئي تي عدالت ۾ ٻنهي ڌرين کي طلب ڪيو آهي، هوڏانهن چانڊڪا اسپتالن ۾ پيدا ٿيل بحران جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس ورتو، ڪالهه سي ايم هائوس مان سيڪريٽري ٽو سي ايم چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس کي فون ڪري پيدا ٿيل صورتحال جي سموري تفصيلي رپورٽ ڏيڻ لاءِ چيو آهي. پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي اڳواڻن شاهي خان جاگيراڻي، ذوالفقار سهتو ٿرڊ جڊيشل مئجسٽريٽ لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ پهچي لکت ۾ ڏنو ته اسين هڙتال جو سڏ واپس وٺون ٿا، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايم ايس ٻڌايو ته پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جا هڙتالي اڳواڻ عدالت ۾ ته هڙتال ختم ڪرڻ جو لکت ۾ معاهدو ڪيو آهي پر اڃا تائين عملو ڊيوٽين تي نه آيو آهي.