روهڙي (ن ڪ) ڪنڌرا ڀرسان اروڙ ويندڙ ڊاٽسن ڊرائيور هٿياربندن هٿان قتل، لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ تي وارثن جو احتجاج، تفصيل موجب ڪنڌرا ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين مهر علي ٻرڙو جو سالو ۽ ڊاٽسن ڊرائيور محمد خان ٻرڙو ڪالهه صبح جو سوير پنهنجي ڪنڌرا ڀرسان ڳوٺ واهه ٻرڙا مان ڊاٽسن تي سوار ٿي اروڙ طرف وڃي رهيو هو ته ڳوٺ نور شاهه ڀٽ وٽ تاڙ ۾ بيٺل هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب 7 ٻارڙن جو پيءُ 35ورهين جو محمد خان ٻرڙو ٿڏي تي قتل ٿي ويو، بعد ۾ هٿياربند فرار ٿي ويا، خبر پوڻ شرط وارث ۽ ڪنڌرا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويا، لاش ڊاٽسن ۾ کڻي رورل هيلٿ سينٽر ڪنڌرا پهچايو ويو جتي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب مقتول جو لاش 4 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيو، اهڙي صورتحال بعد وارثن ڪنڌرا اسپتال جي ڊاڪٽرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي، بعد ۾ ڪنڌرا پوليس مقتول جو لاش تعلقي اسپتال روهڙي مان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو، هوڏانهن ڊاڪٽر راشد لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول جي سيني، هٿ سميت جسم جي مختلف حصن تي ويجهي کان 4 گوليون لڳل آهن، پوسٽ مارٽم بعد لاش ڳوٺ واهه ۾ آڻڻ تي ڪهرام مچي ويو، ان ڏس ۾ ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي مقتول جي ڀيڻوي ۽ ٽائون ڪاميٽي ڪنڌرا جي چيئرمين مهر علي ٻرڙو ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو، آخري اطلاعن تائين مقتول نوجوان جي قتل وارو ڪيس حد ٿاڻو ڪنڌرا تي داخل ٿي نه سگهيو هو.