ڪراچي (رپورٽ: وحيد راڄپر) ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ڪوهستان، اڇڙي ٿر، ڪاڇي، ساحلي پٽي سميت صوبي جي 9 ضلعن جي ڏڪار سٽيل علائقن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ سامان جي شفاف خريداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ مختص ڪيل هڪ ارب رپين مان سڄي سال دوران ڪل 20 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي سگهيا آهن جڏهن ته عالمي بئنڪ جي امداد سان شروع ڪيل گڏيل پروگرام جا 30 جون 2017ع تائين 80 ڪروڙ رپيا ليپس ٿي ويندا. اهڙي رپورٽ صوبائي ناڻي کاتي طرفان تيار ڪري وزيراعليٰ هائوس ڏانهن اماڻي وئي آهي. ذميوار ذريعن کان ”ڪاوش“ کي مليل رپورٽ موجب عالمي بئنڪ جي مالي امداد سان سنڌ سرڪار طرفان ڏڪار سٽيل علائقن مان بک واري صورتحال ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ نيوٽريشن سپورٽ نالي پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن تي 5 سالن ۾ 4 ارب 53 ڪروڙ رپيا مختص ٿيل آهن، جيڪي فنڊ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ڪوهستان، اڇڙي ٿر، ڪاڇي، ساحلي پٽي سميت صوبي جي 9 ضلعن جي ڏڪار سٽيل علائقن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ تي خرچ ٿيڻا آهن، وڏي وزير کي اها رپورٽ ڏني وئي آهي ته 30 جون 2017ع تائين لاڳاپيل مقصدن لاءِ ڪل 20 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي سگهندا ۽ 80 ڪروڙ رپيا ليپس ٿي ويندا. غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل پروگرام تي 15 مارچ 2016ع کان عملدرآمد شروع ڪيو ويو هو ۽ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته غذائي سامان جي خريداري يونيسيف ذريعي ڪئي ويندي پر ذريعن موجب عالمي ادارن جي سخت شرطن سبب سنڌ جا ڪامورا لاڳاپيل ڏڪار سٽيل علائقن جي ماڻهن لاءِ غذائي سامان خريد ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهن، جنهن سبب هلندڙ مالي سال جي 11هين مهيني جا 18 ڏينهن گذري چڪا آهن پر فنڊ خرچ نٿي سگهيا آهن ۽ مالي سال مڪمل ٿيڻ ۾ ڪل 42 ڏينهن بچي ويا آهن، جڏهن ته ڪامورن مجاز اختياري کي رپورٽ ڏني آهي ته لاڳاپيل پروگرام تي ڪل 20 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي سگهندا. لاڳاپيل پروگرام جي ڪل لاڳت 4 ارب 53 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، جنهن ۾ 4 ارب 11 ڪروڙ 79 لک عالمي بئنڪ جي گرانٽ ۽ 42 ڪروڙ 17 لک رپيا سنڌ جو حصو هوندو. سنڌ نيوٽريشن سپورٽ پروگرام تحت عالمي بئنڪ کان ملندڙ 4 ارب رپين جي گرانٽ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ تي خرچ ڪيا ويندا، جنهن پروگرام تحت ملندڙ گرانٽ جو وڏو حصو ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي ڏڪار سٽيل علائقن تي لڳايو ويندو ۽ پروگرام جو مين فوڪس به لاڳاپيل ٻن ضلعن تي هوندو، جڏهن ته باقي رقم ڪوهستان، ڪاڇي، اڇڙي ٿر ۽ ساحلي پٽي سميت ٻين ضلعن ۾ لڳائي ويندي. پروگرام ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ڄامشورو، دادو، قمبر-شهدادڪوٽ، خيرپور، بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي ڏڪار سٽيل علائقن ۾ شروع ڪيو ويندو، جنهن پروگرام لاءِ هلندڙ مالي سال 17-2016ع دوران ڪل هڪ ارب رپيا مختص ٿيل هئا پر سڄي سال ۾ ان پروگرام تي ڪل 20 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي سگهندا. اهي فنڊ پروگرام تحت 2 سالن تائين جي عمر جي غذائي کوٽ واري ٻار کي وٽامن ۽ طاقت وارا منرل کارائڻ لاءِ لاڳاپيل شيون سنڌ سرڪار جي شروع ڪيل پروگرام جي انتظاميا کي فراهم ڪرڻيون هيون، مريضن جي علاج لاءِ 43 سائيٽون به قائم ٿيڻيون هيون، آئرن ۽ ڪمزور عورتن کي آئرن فولڪ ايسڊ جي فراهمي ۽ ڊائريا جو شڪار ٻارن جي علاج سميت ٻين بيمارين تي لاڳاپيل پروگرام جا فنڊ خرچ ٿيڻا هئا.