|
دادو شهر کي ڪو خطرو ناهي،ماڻهو افواهن تي ڌيان نه ڏين:پير
مظهر
دادو/ڦلجي
اسٽيشن (نمائندن وٽان) سينيئر صوبائي وزير پير مظهر الحق دادو ۾ صحافين سان
ڳالهائيندي چيو آهي ته ضلعي هيڊڪوارٽر دادو شهر کي بچائڻ لاءِ
ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، دادو جي ماڻهن اسان کي چونڊيو آهي، سندن ڀرم
رکندي آخري گهڙي تائين شهرين سان گڏ هوندس، عوام ڪنهن به پروپيگنڊا تي يقين نه ڪري
ڇو ته ٻوڏ جي پاڻي مان دادو کي ڪو به خطرو ناهي، هن چيو ته دادو تعلقي جي 11 يوسيز
کي انهي ڪري الرٽ ڪيو ويو جو پاڻي سوچ کان تمام وڌيڪ آهي، صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته
دادو- مورو پل ڀرسان روڊ کي پيل گهارو هنگامي بنيادن تي بند ڪري ننڍي ٽرئفڪ لاءِ
کوليو ويو آهي. هوڏانهن سينيئر صوبائي وزير پير مظهر الحق ڦلجي اسٽيشن ۾ امڪاني ٻوڏ
اچڻ سبب ڪالهه ڦلجي اسٽيشن جي شهرين سان گڏجاڻي ڪئي، صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ جو
پاڻي گهڻو آهي، جنهن ڪري ڊي سي او دادو ڦلجي اسٽيشن کي الرٽ جاري ڪيو آهي، هن چيو
ته شهري لڏپلاڻ ڪري وڃن، کين ٽرانسپورٽ ڏني ويندي، هن چيو ته ڦلجي اسٽيشن جي شهرين
لاءِ ڪراچي، مٽياري ۽ حيدرآباد جي سرڪاري ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ رليف ڪئمپون قائم ڪيون
ويون آهن، جيڪي ڦلجي اسٽيشن جا شهري محفوظ هنڌن تي وڃڻ چاهين ٿا ته ٽرانسپورٽ بابت
پ پ اڳواڻ دوست علي جيسر سان رابطي ۾ اچن، هوڏانهن ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ امڪاني ٻوڏ جي
خطري بعد شهرين جي هنگامي گڏجاڻي ٿي، شهرين پاران ڊي سي او دادو محمد اقبال ميمڻ
پاران شهر کي جاري ڪيل الرٽ بعد گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڦلجي اسٽيشن کي ٻوڏ جي
پاڻي کان بچائڻ لاءِ شهر جي چوڌاري رنگ بند ڏيارڻ جو فيصلو ڪندي شهرين رنگ بند لاءِ
پاڻ ۾ چندو گڏ ڪرڻ واري ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي، شهرين جي اڪثريت جو چوڻ هو ته
انتظاميا جي الرٽ جاري ٿيڻ بعد هاڻي ڪوششون وٺي شهر کي ٻوڏ جي پاڻي کان محفوظ بڻايو
ويندو. |