سنڌي قومپرستن ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ جي قومپرست پارٽين سنڌ جي ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي گڏيل جدوجهد جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙو مطالبو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جسقم، عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻن ڪالهه ڪراچي جي مريد بڪڪ ڳوٺ ۾ ٻوڏ متاثرن بابت ڪوٺايل گڏجاڻي کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، جسقم چيئرمين بشير خان قريشي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين علي حسن چانڊيو سميت پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ جا 19 ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن ۽ انهن مان 8 ضلعا مڪمل ٻڏي ويا آهن، ٽوڙي بند کي ٽوڙڻ واري معاملي جي ججن کان آزاد جاچ ڪرائي وڃي، جيڪڏهن سرڪار جاچ نه ڪرائي ته سنڌي ماڻهو سمجهندا ته حڪمرانن پاڻ بند ٽوڙايا آهن. سرڪار ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. جسقم چيئرمين بشير قريشي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي سان نه پر حڪمرانن جي نااهلي سبب بربادي ٿي آهي، جنهن ۾ هزارين انساني جانيون لڙهي ويون آهن، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن جيڪڏهن ٻوڏ متاثرن کي صحيح کاڌ خوراڪ نه ملي ته 50 لک ماڻهو بک ۾ مري ويندا، هن چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرن جي انگن ۾ ڦير ڦار ڪري عالمي امداد ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لکين ايڪڙ خالي پيل زمين تي متاثرن کي مستقل بنيادن تي آباد ڪيو وڃي. عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته وزيراعظم جو سنڌ جي ٻوڏ متاثرن بابت بيان پنجاب جي ترجماني ڪري ٿو. هن چيو ته پنجاب جو هڪ شخص ڪالاباغ ڊيم جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ واويلا ڪري رهيو آهي جيڪا سنڌ دشمن سازش آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي مارشل لا جي خوف کان سنڌي ماڻهن کي اڪيلو ڇڏيو ته هي انگ اگهاڙا ماڻهو اقتدار ڌڻين جي ڳچيءَ مان جهليندا. هن مطالبو ڪيو ته عيد کان اڳ هر خاندان کي 20 هزار رپيا ڏنا وڃن، بعد ۾ 10 لک ڏئي کين آباد ڪيو وڃي. ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ علي حسن چانڊيو چيو ته ايم ڪيو ايم کي ياد ڏياريون ٿا ته 1947ع ۾ سنڌين سندن آڌر ڀاءُ ڪيو، اڄ ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، گورنر ۽ قيصر بنگالي چون ٿا ته ٻوڏ متاثر ڌاڙيل آهن جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، جيڪڏهن قومپرست ۽ سول سوسائٽي نه هجي ها ته لکين ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب مري وڃن ها، ان موقعي تي شريڪ قومپرست ڌرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪئمپن کان ٻاهر ويٺل لکين ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪري آباد ڪيو وڃي، اڳواڻن عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته وفاق کي امداد ڏيڻ بدران سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي سڌي طرح امداد ڏني وڃي، ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته عيد بعد اربع ڏينهن گلشن حديد ۾ جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گهر تي گڏجاڻي ڪري وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ آصف بالادي، الاهي بخش بڪڪ، اعجاز سامٽيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com