آصف پاران اجمير شريف لاءِ 10 لک ڊالر امداد بدعنواني جي  دائري ۾ اچي ٿي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته آصف زرداري پاران اجمير شريف جي دوري دوران 10 لک ڊالرن جي امداد ڏيڻ وارو عمل مالي بدعنواني جي دائري ۾ اچي ٿي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته جنهن ملڪ اندر ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ ڌڪا کائيندا هجن ۽ حڪمران هڪ-هڪ ڊالر عيوض ملڪي وقار غير ملڪي طاقتن هٿان نيلام ڪندا هجن، اتي نجي دوري دوران ايتري رقم ان انداز سان خرچ ڪرڻ هڪ ڏوهه کان گهٽ نه آهي، هن چيو ته ان حوالي سان سرڪاري تصديق اڃا نه ٿي آهي، پر آصف زرداري جي سڄي سخاوت جو بار پاڪستان جي غريب عوام کڻي رهي آهي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com