|
ڪراچيءَ ۾ متحده جي اثر وارن علائقن ۾ مهاجر صوبي بابت چاڪنگ تي سنڌ سرڪار جو سخت
احتجاج، وڏو وزير گورنر وٽ پهچي ويو: چاڪنگ ڊاهڻ جو حڪم
 ڪراچي
(رپورٽ: ارشاد گلاباڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران گورنر سنڌ ڊاڪٽر
عشرت العباد ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان ڪيل سخت احتجاج کانپوءِ ڪراچي شهري سرڪار
۽ ڪراچي جي انتظاميا کي ڪراچي جي مختلف علائقن ۽ مُک روڊن تي نام نهاد ”مهاجر صوبي“
جي چاڪنگ، سائن بورڊز تي مهاجر صوبي جي نام نهاد نقشن ۽ مهاجر صوبي جي حق ۾ لڳايل
پينافليڪس کي فوري طور ڊاهڻ ۽ هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته سرڪاري ذريعن موجب
وڏي وزير حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص سميت ٻين شهرن ۾ پڻ مهاجر صوبي جي حمايت ۾
لڳايل اهڙن تڪراري نقشن ۽ چاڪنگ کي هٽائڻ ۽ ڊاهڻ جي هدايت ڏني وئي آهي ۽ ان ڏس ۾
لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي حڪم ڪيو ويو آهي ته اهي فوري طور عوام ۾ چڙ ۽ تاءُ
پکيڙيندڙ مهاجر صوبي جا نعرا ۽ نقشا فوري طور ڊاهي ۽ هٽائي ڇڏين. ذريعن موجب سنڌ جي
وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه
خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان ڪيل ملاقات ۾ مهاجر صوبي
جي چاڪنگ ۽ نقشن جو معاملو اٿاريو ۽ سخت احتجاج ڪيو جنهن تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن
چيو ته ان معاملي سان ايم ڪيو ايم جو ڪوبه تعلق ناهي جنهن تي وڏي وزير ۽ وفاقي وزير
چيو ته تڪراري نعرا ۽ نقشا انهن علائقن ۾ ئي ڏٺا پيا وڃن جيڪي ايم ڪيو ايم جي
اڪثريت وارا علائقا آهن ۽ آخر انهن علائقن ۾ ٻي ڪهڙي ڌر آهي جيڪا اهڙو ڪُڌو عمل ڪري
رهي آهي جنهن سان سنڌ جي ماڻهن خاص طور تي پيپلزپارٽي جي حامين ۽ ڪارڪنن ۾ سخت تاءُ
۽ چڙ پکڙجي رهي آهي. هنن چيو ته ڪراچي شهري سرڪار جي انتظامي مشينري جا ڪجهه عنصر
اهڙي ڪُڌي عمل ۾ ملوث آهن ۽ انهن سرڪاري ملازمن کي اهڙي چڙ ڏياريندڙ عمل جي اجازت
ڪنهن ڏني آهي. ذريعن موجب ڪالهه ثقافت واري صوبائي وزير سسئي پليجو پڻ سنڌ جي وڏي
وزير سيد قائم علي شاهه کي مهاجر صوبي جي حمايت ۾ ٿيل چاڪنگ، سائين بورڊن تي لڳايل
نقشن ۽ پينافليڪس بابت رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته شاهراهه فيصل، نارٿ ڪراچي ۽
ناظم آباد سميت ٻين علائقن ۾ ڄاڻايل تڪراري نقشا ۽ چاڪنگ موجود آهي ۽ اهي علائقا
ايم ڪيو ايم جي اثر وارا آهن. ذريعن موجب اهڙي رپورٽ کانپوءِ وڏي وزير ڪالهه گورنر
هائوس ۾ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان نويڪلائي ۾ ڪيل ملاقات ۾ پڻ اهو معاملو اٿاريو
۽ چيو ته اهڙو ڪوبه عمل نه ٿيڻ گهرجي جيڪو اڻوڻندڙ هجي ۽ ماڻهن ۾ تاءُ پکيڙي جنهن
تي گورنر پڻ اها وضاحت ڪئي ته مهاجر صوبي جي حمايت ۾ ٿيل چاڪنگ ۽ نقشن سان ايم ڪيو
ايم جو ڪوبه تعلق ناهي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ۽ گورنر سان ڄاڻايل معاملو اٿارڻ
کانپوءِ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي جي ڪمشنر روشن علي شيخ کي هدايت ڏني ته
هو ان معاملي جي جاچ ڪري فوري طور قدم کڻي. هوڏانهن ڪمشنر روشن شيخ ”ڪاوش“ جي رابطي
تي ٻڌايو ته وڏي وزير جي هدايت کانپوءِ ڪراچي ۾ تڪراري چاڪنگ ۽ سائين بورڊز تي
لڳايل نقشن کي ڊاهڻ ۽ هٽائڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته مون ڪراچي جي 5 ئي
ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڏني آهي ته اهي فوري طور چاڪنگ ۽
سائن بورڊز تان تڪراري مواد هٽرائي ۽ ڊهرائي ڇڏين. هوڏانهن سرڪاري ذريعن موجب
حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر سميت ٻين ضلعن جي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کي پڻ وڏي وزير
هدايت ڏني آهي ته اهي تڪراري چاڪنگ ۽ نقشن وارا سائن بورڊ ڊاهي ۽ هٽرائي ڇڏين. |