|
لاهور ۾ يوم شهادت علي عه جي ماتمي جلوسن تي آپگهاتي حملا، 34 ڄڻا شهيد، 175
زخمي،ٿاڻي کي باهه
لاهور (رپورٽ: امداد سومرو/شڪيل ملڪ) لاهور ۾ حضرت علي عه جي شهادت جي ڏهاڙي تي
نڪتل ماتمي جلوس ۾ هڪ ٽائيم ڊوائيس ۽ 2 خودڪش ڌماڪن ۾ 34 ماڻهو شهيد ۽ 175 زخمي ٿي
پيا، مشتعل ماڻهن پوليس تي پٿراءُ ۽ ٿاڻي جي عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي، شيلنگ ۽ هوائي
فائرنگ، لاهور ۾ امن لاءِ رينجرز کي طلب ڪيو ويو، مليل ڄاڻ موجب پهريون ڌماڪو
ڪربلا گامي شاهه جي پڄاڻي تي پهچندڙ مرڪزي جلوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ عزادارن ۾ ڀاڄ پئجي
وئي۽ ان ڌماڪي کان جلد پوءِ ڀاٽي چوڪ ۾ عزادارن لاءِ لڳايل افطاري جي هڪاسٽال تي هڪ
خودڪش حملي آور پاڻ کي اڏائي ڇڏيو، نتيجي ۾ افطاري اسٽال تي موجود 4 عزادار موقعي
تي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ريسڪيو 1122۽ ٻين امدادي ادارن
جا رضاڪار ۽ مقامي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين ۽ شهيد ٿيلن جا لاش کڻي رهيا
هئا ته ڀاٽي چوڪ ۾ هڪ ٻئي خودڪش حملي آور به پاڻ کي اڏائي ڇڏيو، نتيجي ۾ 13 ماڻهو
موقعي تي شهيد ۽ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ان دوران عزادارن ريسڪيو 1122 جي
عملي کي خودڪش حملي آور جو لاش کڻڻ کان روڪي ورتو۽ ان جي لاش کي جوتا هڻندا رهيا،
ڌماڪن بعد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڌماڪن واري علائقي کي گهيري ۾ آڻي ورتو،
اعليٰ عملدارن سميت امدادي ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون، جن لاش ۽ زخمين کي
اسپتالن ۾ پهچايو، جن مان ڪيترن زخمين اسپتالن ۾ دم ڏنو، ڌماڪن وارن هنڌن ڪربلا
گامي شاهه کان ڀاٽي چوڪ تائين جي علائقي ۾ رڳو رت ئي رت ۽ انساني عضوا پکڙيا پيا
هئا، ماڻهو پنهنجن پيارن کي ڳولا لاءِ پکڙيل انساني عضون،لاشن ۽ اتي پيل شين کي ڏسي
رهيا هئا،خودڪش حملي ڪندڙن جي عمر 15 کان 16 سال جي لڳ ڀڳ ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ خودڪش
حملي آورن جا سر (مٿا) پوليس پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن ۽ ذريعن موجب ٻئي سڃاڻپ
جهڙا آهن، پوليس موجب شهيد ٿيلن جو تعداد 20 ۽ زخمي 175 آهن پر اسپتال جي ذريعن
موجب شهيد ٿيل جو انگ 34 آهي، ڌماڪن بعد شهرجي سمورين اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو
ڪيون ويون، اسپتالن ۾ شهيد ٿيلن ۽ زخمين جا وارث حڪومت خلاف نعريبازي ڪندا ۽
روئندا رهيا، ٽن ڌماڪن بعد جلوس ۾ شامل عزادارن ۾ اشتعال پکڙجي ويو، جن حفاظتي
ڊيوٽي تي موجود پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي تشدد شروع ڪري ڏنو،مڇريل ماڻهن پوليس جي
ٻن گاڏين ۽ هڪ موٽرسائيڪل سوڌو 4 گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته عمارتن ۽
خانگي گاڏين تي به پٿراءُ ڪيو، مظاهرين لوئر مال ٿاڻي جي عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي،
جنهن بعد آفيسر ۽ اهلڪار ٻاهر نڪري آيا، جن مظاهرين تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل
فائر ڪيا ۽ زبردست هوائي فائرنگ ڪئي، اهڙي صورتحال بعد صوبائي حڪومت لاهور ۾ امن
لاءِ فوري طور رينجرز کي طلب ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ رينجرز شهر جي مختلف علائقن ۾
گشت شروع ڪري ڏنو ٻئي طرف واقعي جي ذميواري لشڪر جهنگوي العالمي لاهور ۾ ٿيل ٽنهي
ڌماڪن جي ذميواري قبول ڪئي آهي، ذريعن موجب واقعن جي لشڪر جهنگوي العالمي ڪجهه ٽي
وي چينلن کي ايس ايم ايس ڪري ذميواري قبول ڪئي،هوڏانهن وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ
واقعن بابت آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، لاهور پوليس شهر ۾ ڌماڪن بعد
هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو ڪالعدم تنظيم جو
ميمبر آهي، پوليس موجب لاهور ۾ ٿيل 3 مان 2 ڌماڪا خودڪش ۽ هڪ ڪريڪر جو ڌماڪو هو،
جڏهن ته لاهور جي ڪمشنر خسرو پرويز جو چوڻ آهي ته ٽئي خودڪش ڌماڪا آهن، نواز ليگ
جي سربراهه نواز شريف ڌماڪن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دشمن عناصر ملڪ جو
امن ۽ فرقيواراڻي هم آهنگي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته پنجاب جي صوبائي وزير
راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته محرم الحرام جيترا حفاظتي انتظام ڪيا هئا ۽ حڪومت
سيڪيورٽي انتظامن مان مطمئن هئي، باقي هر رستي کي بند ڪيو وڃي ته پوءِ زندگي جو
ڪاروهنوار ٺپ ٿي وڃي ها ۽ هر شخص جي گاڏي کي به چيڪ ڪرڻ به ممڪن ناهي، جڏهن ته ان
جي ابتڙ ڊي سي او لاهور سجاد ڀٽا چيو آهي ته لاهور ۾ ٿيل ڌماڪا سيڪيورٽي ليپس سبب
ٿيا آهن، جنهن جي انڪوائري ڪرائي وڃي، ٻئي طرف شيعا اڳواڻ علامه عباس ڪميلي چيو آهي
ته حڪمرانن مان اسان کي خير جي توقع نه آهي، هي سڀ پنهنجي مفادن جي تحفظ ۾ لڳل
آهن،هن چيو ته دهشتگردن جو تعلق ڪنهن به مذهب سان نه آهي ۽ اهي ڪرائي جا قاتل آهن،
جيڪي ڊالرن جي عيوض سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف
ڌماڪن ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن لاءِ 5-5 لک ۽ زخمين لاءِ 75 –75 هزار ڏيڻ جو اعلان ڪيو
آهي، ٻئي طرف حيدرآباد ۾ لاهور واقعي کان پوءِ رات نامعلوم ماڻهن پاران لطيف آباد
جي ڪيترن ئي علائقن ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڪاروبارو بند ٿي ويو ۽ ماڻهو
خوف سبب بازارن مان هليا ويا، هوڏانهن ڀٽائي نگر ۾ به نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري
کليل دڪان بند ڪرائي ڇڏيا، جڏهن ته جڏهن ته ڪنهن به جاني مالي نقصان جو اطلاع نه
مليو هو، ٻئي طرف قانون جي صوبائي وزير اياز سومرو ۽ ورڪس کاتي جي صوبائي وزير
منظور وساڻ لاهور ڌماڪن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته انسانيت جا دشمن هن سڳوري
مهيني ۾ به انسان ذات جو رت وهائڻ کان نه ٿا ڪيٻائين.هوڏانهن نامعلوم دهشتگردن خلاف
نيوانارڪلي ٿاڻي تي 2 ڪيس ۽ نيو ڀاٽي ٿاڻي تي هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، |