لاهور(بيورو رپورٽ)

عالمي بئنڪ بغليار ڊيم واري معاملي تي پاڪستان جو موقف تسليم ڪري ورتو:ڀارت کي منصوبي جي ڊزائين تبديل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (رپورٽ: قربان بلوچ) عالمي بئنڪ جي غير جانبدار ماهر ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ چناب تي تعمير هيٺ بغليار هائيڊرو پاورمنصوبي کي سنڌ طاس معاهدي جي خلاف قرار ڏيندي منصوبي تي پاڪستان جي 4  اعتراضن مان 3  تسليم ڪري ڀارت کي منصوبي جو ڊزائين تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 1992ع کان تڪراري بڻيل بغليار هائيڊرو پاور منصوبي بابت 5 مئي 2005ع تي نامزد ڪيل عالمي بئنڪ جي غير جانبدار ماهر پروفيسر ريمنڊ لفٽي ڪالهه تفصيلي فيصلو جاري ڪيو آهي، جنهن کي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير لياقت جتوئي پاڪستان جي فتح قرار ڏيندي ڀارت تي فيصلو تسليم ڪرڻ تي زور ڀريو آهي، فيصلي جا تفصيل وفاقي وزير لياقت جتوئي ڪالهه پريس ڪانفرنس دوران جاري ڪيا آهن، عالمي بئنڪ جي ماهر پنهنجي فيصلي ۾ بغليار هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي موجوده ڊزائين کي پاڪ-ڀارت وچ ۾ 1960ع واري سنڌ طاس معاهدي جي خلاف قرار ڏنو آهي، ماهر منصوبي تي پاڪستان جي ان اعتراض کي درست قرار ڏنو آهي ته ڊيم جي فري بورڊ سبب ڀارت کي مصنوعي طور پاڻي جي سطح وڌائڻ جي صلاحيت حاصل ٿي ويندي، تنهن ڪري ان جي سطح ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، ماهر ڊيم جي فري بورڊ کي غلط قرار ڏيندي ڀارت کي ان جي سطح 4.5  ميٽر مان گهٽائي 3ميٽر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جيڪا مجموعي سطح  ۾33  سيڪڙو گهٽتائي آهي، عالمي ماهر ڊيم جي پاور هائوس جي سطح بابت به پاڪستان جي اعتراضن کي تسليم ڪيو آهي ته پاور هائوس لاءِ پاڻي کڻت جي سطح سنڌ طاس معاهدي مطابق ناهي، تنهن ڪري ان جي سطح کي 818  ميٽرن مان 3 وڌائي 821  ميٽر ڪيو وڃي، عالمي ماهر پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته ڀارت طرفان منصوبي جي ڍنڍ جي حساب (ڪيلڪيوليشن) جو طريقيڪار به سنڌ طاس معاهدي مطابق ناهي، تنهن ڪري ڍنڍ يا تلاءُ کي 37.722  (ملين ڪيوبڪ ميٽر) مان گهٽائي 32.56  ايم سي ايم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، فيصلي ۾ ڊيم جي اسپل وي بابت پاڪستان جي اعتراض کي رد ڪندي ڀارتي ڊزائين کي تسليم ڪيو ويو آهي، جنهن تي پاڪستان اعتراض ڪندي ان بابت معاهدي تحت ڪارروائي ڪرڻ وارو حق محفوظ ڪيو آهي، عالمي ماهر جي فيصلي بابت پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير لياقت جتوئي پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته فيصلو پاڪستان جي وڏي فتح آهي، مسئلي جي حل لاءِ ڀارت سان 7 اجلاس ڪيا ويا، صدر توڙي وزيراعظم به ڳالهايو پر ڀارت منصوبي جي غلط ڊزائين تي مزاحمت ڪندو رهيو، پاڪستان جو موقف هو ته منصوبي بابت سنڌ طاس معاهدي تي عمل ڪيو وڃي، وفاقي وزير چيو ته فيصلي سان بغليار منصوبي جي ڊزائين ۾ تبديلي لاءِ سول ڪسٽم ڊهندا ۽ اهي نئين سر تعمير ٿيندا، جيڪا پاڪستان جي فتح آهي، بغليار منصوبي تي اعتراض واري عالمي ماهر وٽ وڃڻ کانپوءِ ڀارتي ڪابينا ڪشن گنگا منصوبي جي ڊزائين ۾ تبديلي ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن، عالمي ماهر جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ اخلاقي طور ڌريون پابند آهن، ڀارت جيڪڏهن عمل نه ڪيو ته اسان لاءِ سمورا آپشن کليل آهن، اسان ڀارت تي زور ٿا ڀريون ته فيصلو قبول ڪري ۽ عمل ڪري جيڪڏهن ڀارت فيصلو نٿو مڃي ته ان جو اهو مطلب ٿيو ته اهو عالمي بئنڪ تي اعتماد نٿو ڪري.